ملير(ن س) شرافي ۽ قائد آباد پوليس معين آباد جي علائقي ۾ گٽڪو مائو ٺاهيندڙ فيڪٽري تي ڇاپو هڻي لکين رپين جي ماليت جو گٽڪو مائو ۽ گٽڪو مائو ٺاهڻ جو سامان هٿ ڪري 14 جوابدار گرفتار ڪري ورتا،ايس ايس پي ملير موجب گٽڪو مائو ٺاهڻ جي فيڪٽري مان 16 مشينون ۽ گٽڪو هٿ ڪيو ويو آھي،ڇاپي دوران گٽڪي مائي ٺاهڻ ۾ ڪم ايندڙ سامان سوپاريون، ميگنيشيم ،ڪاربونيٽ، پلاسٽڪ داڻا ۽ ٻيو سامان هٿ ڪيو ويو آھي،ايس ايس موجب گرفتار جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آھي.
