ملتان، فيصل آباد، بهاولپور ۽ ٻين شهرن ۾ برسات

ملتان، فيصل آباد، بهاولپور ۽ ٻين شهرن ۾ برسات

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)ملتان، فيصل آباد، بهاولپور، چنيوٽ، رحيم يار خان، لوڌران، راجن پور، جهنگ، خوشاب ۽ سرگوڌا، گڏوگڏ پنجاب جي مختلف شهرن ۾ تيز برسات پئي.ٿرپارڪر ۾ به تيز برسات پئي. هنگو ۾ برسات دوران هڪ گهر جي ڇت ڪري پئي. ملبي هيٺان دٻجڻ ڪري هڪ شخص فوت ۽ ٻيو زخمي ٿي پيو.موسميات کاتي اڄ پنجاب، اتر اوڀر بلوچستان، اپر خيبر پختونخوا، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ ڪجهه هنڌن تي برسات جي اڳڪٿي ڪئي آهي.ان دوران، اين ڊي ايم اي 17 جولاءِ تائين پنجاب، خيبر پختونخوا ۽ بلوچستان لاءِ برسات ۽ ممڪن ٻوڏ جي خطري جو الرٽ جاري ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو