مقبول باقر کي بيوروڪريسي يرغمال بڻائي ڇڏيو آهي: ميمڻ

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)ن ليگ سنڌ جي اڳواڻ بشير ميمڻ چيو آهي ته مقبول باقر بهترين جج هو پر بيوروڪريسي کيس يرغمال بڻائي رکيو آهي.اليڪشن ڪميشن ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي بشير ميمڻ چيو ته هن چيف اليڪشن ڪمشنر کي درخواست ڪئي آهي ته اسان کي سنڌ ۾ ليول پليئنگ فيلڊ ڏني وڃي.هن چيو ته اسان سنڌ جي نگران وڏي وزير جي عملي کي چيو ته اسان ملڻ چاهيون ٿا پر عملي اسان جي درخواست تي نگران وڏي وزير کي ڪجهه نه ٻڌايو.بشير ميمڻ جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن سنڌ جو نگران وڏو وزير اسان کي وقت ڏئي ها ته اڄ اليڪشن ڪميشن آڏو نه اچن ها، سنڌ جو نگران وڏو وزير نظام جي هٿان يرغمال آهي.ن ليگ اڳواڻ اهو به چيو ته سنڌ ۾ بيوروڪريسي وڏي وزير کي گمراهه ڪري رهي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو