مقامي ماڻهو نظر انداز ڪرڻ تي دادو انتظاميه هاءِ ڪورٽ طلب

مقامي ماڻهو نظر انداز ڪرڻ تي دادو انتظاميه هاءِ ڪورٽ طلب

جوهي (رپورٽ منصور گاڏهي)دادو ضلعي جي چار ايم پي ايز، وفاقي سيڪريٽري پيٽروليم، چيئرمين اوجي ڊي سي ايل،فيلڊ مئنيجر او پي پي ايل،  چيف ايگزيڪيوٽو او پي پي ايل، جي ايم اوپي پي ايل، ڊي سي دادو، ايس ايس پي دادو، اسسٽنٽ ڪمشنر جوھي، مختيارڪار جوھي، ايس ايڇ او جوھي کي 18 مئي تي ٻُڌڻي لاء سنڌ هاءِ ڪورٽ طلب ڪري ورتو آهي. تيل ڪمپني اورينٽ پيٽروليم  پاڪستان لميٽيڊ (او پي پي ايل )  پاران مقامي ڳوٺاڻن کي بنيادي سهولتون فراهم نه ڪرڻ, نوڪرين ۾ نظرانداز ڪرڻ , بونس فنڊ کي علائقي تي خرچ نه ڪرڻ, رائلٽي فنڊ ڊي سي اڪائونٽ ۾ جمع ڪرائي هڙپ ڪرڻ خلاف ڳوٺاڻن انجنيئر آفتاب پنهور, شاهنواز گاڏهي ,اڪبر پنهور ۽ ٻين سنڌ هاء ڪورٽ حيدرآباد ۾ آئيني پٽيشن داخل ڪرائڻ تي هاء ڪورٽ دادو ضلع جي چئن ايم پي ايز سيد صالح شاه, پير مجيب الحق, عبدالعزيز جوڻيجو,  فياض ٻُٽ پيٽروليم جي وفاقي سيڪريٽري, چيئرمين او جي ڊي سي ايل, او پي پي ايل جي فيلڊ مئنيجر, چيف ايگزيڪيوٽو, جنرل مئنيجر کان علاوه ڊي سي دادو, ايس ايس پي دادو, اسسٽنٽ ڪمشنر جوهي کي نوٽيس جاري ڪندي ڪميونٽي فنڊ هڙپ ڪرڻ جي ٻُڌڻي 18 مئي 2021 تي سنڌ هاء ڪورٽ جي ڊبل بينچ ۾ رکي وئي آهي. مقامي ڳوٺاڻن رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته  سندن حق هڙپ ڪندڙ ڌُرين کي هاء ڪورٽ طرفان نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن اميد آهي ته عدالت علائقي واسين سان انصاف ڪندي.

پهنجو تبصرو موڪليو