ڪراچي (اسٽاف رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ جماعت اسلامي جي چونڊيل نمائيندن جي مقامي ادارن ۾ ٽرانزٽ آفيسرن جي مقرري خلاف درخواست تي درخواست گذارن جي وڪيل کي اسٽيٽ مينٽ جي ڪاپي ڌرين کي فراهم ڪرڻ ۾ ايڊووڪيٽ جنرل کي 13 آڪٽومبر تائين سنڌ حڪومت کي لکت ۾ جواب جمع ڪرائڻ هدايت ڪري ڇڏي. درخواستگذار جي وڪيل عثمان فاروق ايڊووڪيٽ موقف ڏنو ته سنڌ حڪومت نوٽيفڪيشن جاري ڪري چونڊيل نمائيندن کي غير فعال ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ حڪومت آئين سان ٽڪراءِ قانون سازي ڪري چونڊيل نمائيندن جا اختيار ڦٻائي ورتا. اليڪشن دير سان ٿي اپريل ۾ يوسيز جي اليڪشن مڪمل ٿي. عدالت درخواستگذذارن جي وڪيل کي اسٽيٽ مينٽ جي ڪاپي ڌرين کي فراهم ڪرڻ ۽ ايڊووڪيٽ جنرل کي 13 آڪٽومبر تائين سنڌ حڪومت جو لکت جواب جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. عدالت رمارڪش ڏنا ته سنڌ حڪومت جو تفصيلي جواب اچي ته پوءِ فيصلو ڪنداسين ته پوءِ فيصلو ڪنداسين. داخل درخواست تي موقف ڏنو ويو ته جون ۾ سٽي ڪونسل ۽ ٽائونز جا ايوان مڪمل ٿيا. پر اختيار منتقل نه پيا ڪيا وڃن. اسان کي مالي ۽ انتظامي اختيار استعمال نه پيا ڏنا وڃن. آئين پاڪستان جي آرٽيڪل 140 تحت مقامي حڪومت جي اهميت کي تسليم ڪيو ويو آهي. 15 جون تي ميئر ۽ ٽائون چيئرمين ۽ ٽائون سميت چونديل نمائيندا حلف به کڻي چڪا آهن. سنڌ حڪومت بدنيتي جي بنياد تي مقامي آفيسر مقرر ڪري ڇڏيا. لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ 2023ع جي سب سيڪشن 2 ۾ ترميم ڪري ٽرانزٽ آفيسر مقرر ڪري ڇڏيا. انهن آفيسرن جي مقرري سان چونڊيل نمائيندن تي انتظامي ۽ مالياتي اختيار منجمند ڪيا ويا. ان ترميم سان بلدياتي ادارا معطل ٿي ويا آهن. سنڌ حڪومت جو هڪ قدم پاڪستان جي آئين ۽ لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ 2013ع جي ڀڄڪڙي آهي ۽ درخواست ۽ حافظ نعيم رحمان ۽ 9 ٽائون چيئر مينز داخل ڪئي.
