مقابلو ناهي ٿيو، پوليس پاڻ پنهنجا اهلڪار ماريا، حُور پليجو

ٺٽو(ڊ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ حورالنساءِ پليجو، ڊاڪٽر شبانه پليجو، اميرہ پليجو، سُنيلا پليجو ۽ ٻين سان گڏ  پريس ڪانفرنس ڪندي چيو تہ سندن خاندان ھميشہ سياسي خاندان رھيو آھي، اسان جو خاندان ڪڏھن بہ ڪنھن ڦڏي فساد جو حصو نہ رھيو آھي، ھن چيو تہ افسوس سان چوڻو ٿو پوي تہ ھڪ سازش تحت امن دشمن قوتون سندن زمين تي قبضو ڪرڻ لاءِ ڪافي وقت کان حربا استعمال ڪري رھيون آھن ۽ زمين تي قبضو ڪرڻ لاءِ ڪوڙو ڊرامو رچايو ويو آھي. ھن چيو تہ ڪجھ وقت اڳ منھنجي پٽن ڊاڪٽر نعيم ۽ سلطان پليجو چوڌري نثار کان زمين ورتي آھي، جنھن جو سمورو رڪارڊ بہ موجود آھي پر غير مقامي ماڻھو نظير بروھي، سڪندر بروھي ايس ايڇ او گھارو ممتاز بروھي جي معرفت اسان جي زمين تي قبضو ڪرڻ چاھين ٿا، 17 ڊسمبر 2019ع ۾ اسان جي زمين تي ڪيل قبضي بابت گھاري ٿاڻي تي ايف آءِ آر پڻ داخل ڪرايل آھي، جڏھن تہ 8 جنوري 2020ع تي مختيارڪار بہ سرزمين جو وزٽ ڪري رپورٽ ڏني تہ مذڪورہ زمين نعيم پليجو ڌر وارن جي آھي. ھن چيو تہ 23 آگسٽ تي منھنجي پٽن خلاف گھاري ٿاڻي تي ڪوڙو ڪيس داخل ڪرايو ويو جنھن جي 24 آگسٽ تي ٺٽي جي عدالت مان ضمانت ڪرائي ۽ ان ئي ڏينھن ڪمشنر حيدرآباد بہ زمين جو وزٽ ڪري ويو آھي پر گھارو پوليس 25 آگسٽ تي ھڪ ڪوڙو مقابلو ڏيکاري پنھنجي ٻن پوليس اھلڪارن کي شھيد ڪرائي ڇڏيو آھي جنھن جي اسان سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا. جڏھن تہ گھارو پوليس اسان جي ھاري صدر ولھاري کي گرفتار ڪري کيس قتل ڪري ڇڏيو آھي، ايس ايڇ او ممتاز بروھي قبضا مافيائن جي ونگار وھي رھيو آھي. جڏھن تہ سپريم ڪورٽ جو حڪم آھي تہ پوليس ھاڻي زمينن جا معاملا نہ ڏسندي. ھن چيو تہ قومي تحريڪ تان ھٿ کڻائڻ لاءِ اسان جي خلاف ھڪ سازش رٿي وئي آھي، پوليس پنھنجا اھلڪار پاڻ ماريا آھن، ڪوبہ مقابلو نہ ٿيو آھي. ھن سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس ۽ سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کان مطالبو ڪيو تہ گھاري واقعي ۾ پوليس ڌر بڻيل آھي، ان ڪري صاف ۽ شفاف عدالتي جاچ ڪرائي ساڻن انصاف فراھم ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو