مفروضن تي بجيٽ پيش ڪرڻ عوامي توهين آهي، امير مقام

صوابي (ويب ڊيسڪ)وفاقي وزير امير مقام ڪي پي حڪومت تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته خيبرپختونخواهه حڪومت عوام جي مينڊيٽ جي توهين ڪري رهي آهي، مفروضن جي بنياد تي بجيٽ پيش ڪرڻ عوام جي توهين آهي.صوابي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي امير مقام چيو ته خيبرپختونخواهه سان هڪ ڏينهن جي سياست ڪئي پئي وڃي. امير مقام جو چوڻ آهي ته ڪڏهن چون ٿا اسلام آباد تي حملو ڪنداسين، ڪڏهن ڊيم بند ڪرڻ ۽ گرڊ اسٽيشن تي قبضو ڪرڻ جون ڳالهيون ڪندا آهن.هن چيو ته ڊيم ۽ گرڊ اسٽيشن ڪنهن جي ذاتي ملڪيت ناهي.

پهنجو تبصرو موڪليو