ڪشمور(اصغر علي چانڊيو )سگا ڪشمور شاخ جي تعاون سان لڳايل فري آپريشن ڪيمپ ۾ اکين جي اسپيشلسٽ ڊاڪٽر ڪشمور واسي آصف علي سومرو، لاڙڪاڻي جي ڊاڪٽر اياز احمد کوسو آيل شھرين جي اکين جي آپريشن ڪئي ان موقعي تي ڪشمور سگا شاخ اڳواڻ فقير محمد زمان دايو ٻڌايو ته ھر سال غريب شھرين توڙي ڳوٺاڻن لاءِ فري اکين جي ڪيمپ لڳائي ويندي آهي. جنهن ۾ سون جي تعداد ۾ غريب ماڻهن جي اکين جي آپريشن مفت ڪرائي ويندي آهي. ھن چيو ته اکين جي فري ڪيمپ وشال ٽريڊررس ۽ سگا شاخ ڪشمور طرفان لڳائي وئي آهي جيڪا ٽن ڏينهن تائين جاري رهندي . اڄ ٻئين ڏينهن تائين 5 سئو مرد توڙي عورتن جي اکين جي آپريشن ٿي چڪو آهي.










