مفتاح پاڪستان کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻ لاءِ پرعزم

مفتاح پاڪستان کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻ لاءِ پرعزم

اسلام آباد(بيورو)ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل چيو آهي ته حڪومت آءِ ايم ايف پروگرام کي جاري رکڻ ۽ پاڪستان کي پائيدار ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ مفتاح اسماعيل لکيو ته هو دوحا ۾ آءِ ايم ايف سان ڳالهين کانپوءِ اڄ ئي پاڪستان پهتو آهيان، گذريل هفتي پاڪستاني وفد جي آءِ ايم ايف جي عملدارن سان مفيد ۽ تعميري ڳالهه ٻولهه ٿي هئي.هن چيو ته آءِ ايم ايف سان فيبروري 2022ع ۾ تيل جي سبسڊي تي ڳالهه ٻولهه ٿي ۽ مالي سال 2023ع جي مالي هدفن تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. مفتاح اسماعيل چيو ته آءِ ايم ايف سان مهانگائي ۾ واڌ، پرڏيهي مٽاسٽا جي ذخيرن ۾ گهٽتائي ۽ ڪرنٽ اڪائونٽ خساري تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي.هن چيو ته آءِ ايم ايف ايندھن ۽ بجلي تي سبسڊي ختم ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو آهي، گذريل حڪومت ايندھن ۽ بجلي تي سبسڊي ڏئي آءِ ايم ايف سان معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪئي هئي.ناڻي واري وزير چيو ته مالياتي پوزيشن کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ سخت مالياتي پاليسي جي ضرورت پوندي، حڪومت مالي سال 2023 ۾ بجيٽ خسارو گهٽائڻ لاءِ پرعزم آهي.هن وڌيڪ چيو ته حڪومت آءِ ايم ايف پروگرام کي جاري رکڻ ۽ پاڪستان کي پائيدار ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو