مغوي مستري پوليس پاران بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ

ڪنڌڪوٽ (ڊ ر) ڪنڌڪوٽ ڀرسان 10ڏينهن اڳ اغوا ٿيل 2سولر پليٽن جا مستري ڌاڙيلن جي چنبي مان بازياب ٿي گهر پهچي ويا آهن. پوليس دعويٰ ڪئي آهي ته هنن ناڪا بندي ڪري کين آزاد ڪرايو آهي، علائقي ۾ چوٻول آهن ته کڱن مڙسن جي مداخلت تي بازياب ٿيا آهن. ڪنڌڪوٽ ۾ ٻن مسترين نادر ملڪ ۽ آزاد ملڪ کي  ڌاڙيل سولر پليٽون ٺهرائڻ بهاني وٺي وڃي اغوا ڪيو هو ۽ بعد ۾ 30 لک ڀنگ گهريو هو. جيڪي رات دير سان بازياب ٿي گهر پهچي ويا آهن. ڌاڙيل ڳوٺاڻن کي اغوا ڪرڻ بعد ڪچي واري علائقي ۾ وٺي ويا، جتي کين مغوي بڻايو ويو هو. علائقي ۾ چئوٻول آهن ته ڳوٺاڻن جي وارثن ۽ بااثر ماڻهن ڳالهيون ڪري ٻنهي مغوين کي ڌاڙيلن جي چنبي مان بازياب ڪرايو آهي. مغوين جي واپس اچڻ تي گهرڀاتين ۾ خوشي جي لهر ڇائنجي وئي آهي. هوڏانهن ايس ايس پي ڪنڌ ڪوٽ اسد رصا پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ته ٻنهي مغوين کي ڌاڙيل هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ منتقل ڪري رهيا هئا ۽ ڳجهي اطلاع تي پوليس گهٽ ورتا ۽ ڌاڙيلن جو گهيرو ڪيو ته هو مغوين کي ڇڏي فرار ٿي ويا. جڏهن کائنس پڇيو ويو ته ساوند برادري جا 2 ڄڻا ڪڏهن بازياب ٿيندا ته هن چيو ته اهي به جلد اچي ويندا.

پهنجو تبصرو موڪليو