مغوي بازياب ڪرائي ڏيو، مائٽن جو ٿاڻي آڏو احتجاج

گهوٽڪي (ن س) ڳوٺ ڪمال خان مشوري جي رهواسين ۽ مشوري برادري جي ماڻهن جو گهوٽڪي جي اي سيڪشن ٿاڻي اڳيان محمد حسن مشوري جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪندي چيو ته اسان جو نوجوان ظهور احمد مشوري  ڪجهه ڏينهن پهريان گهوٽڪي جي اي سيڪشن ٿاڻي جي حد مان اغوا ٿيو  هو، جنهن جو ڌاڙيلن پاران 60 لک ڀنگ گهريو آهي.  اسين غريب هاري  آهيون ۽ مسڪين  گهراڻي سان تعلق آهي. هنن پوليس مٿان الزام  مڙهيندي چيو ته پوليس اسان جو ڪيس داخل نٿي ڪري. هنن ايس ايس پي گهوٽڪي ڊي آء سکر ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪندي چيو ته اسان جي نوجوان کي جلد بازياب ڪرايو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو