معيشت صحيح رستي تي آهي، سفر ڊگهو آهي، اورنگزيب

معيشت صحيح رستي تي آهي، سفر ڊگهو آهي، اورنگزيب

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته اسان جي معيشت صحيح رستي تي آهي ۽ سفر ڊگهو آهي.ڪراچي ۾ پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ترقي جا سنگ ميل عبور ڪري چڪي آهي، پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جي ترقي ملڪي معيشت تي سيڙپڪارن جي اعتماد جو مظهر آهي.هن چيو ته آءِ ايم ايف سان معاهدي سان معيشت استحڪام جي رستي تي اچي وئي آهي، خساري ۾ هلندڙ سرڪاري ادارن ۾ سڌارن تي ڪم شروع ڪيو ويو آهي.ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته هو معاشي ڪارڪردگي جو ٽه ماهي بنيادن تي جائزو وٺي رهيا آهن، ايف بي آر ۾ ڊيجيٽلائيزيشن شروع ٿي رهي آهي، توانائي جي شعبي ۾ سڌارا معيشت کي هلائڻ لاءِ ناگزير آهن.محمد اورنگزيب چيو ته اسان کي انفراسٽرڪچر سڌارا آڻڻا آهن، وفاقي حڪومت خرچن ۾ گهٽتائي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، پاليسي ريٽ ۾ گهٽتائي سان قرضن ۽ سود جي ادائيگي ۾ نمايان گهٽتائي آئي آهي.هن چيو ته ادارن ۾ سڌارا پائيدار ترقي لاءِ ناگزير آهن، معيشت کي اڳتي وٺي وڃڻ لاءِ اسٽاڪ مارڪيٽ جو ڪردار انتهائي اهم آهي.بعد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي اسحاق ڊار چيو ته 9 سال اڳ لڳل سمورين اسٽاڪ مارڪيٽن جي انضمام جو ٻوٽو هاڻي تنور جو وڻ بڻجي چڪو آهي.هن چيو ته ڪورونا کانپوءِ مختلف ملڪن جون معيشتون ديوالي ٿيڻ جو خطرو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو