معصوم ماڻهن کي نشانو بڻائڻ وارن کي سزا ملندي: بگٽي

معصوم ماڻهن کي نشانو بڻائڻ وارن کي سزا ملندي: بگٽي

ڪوئٽه (ويب ڊيسڪ)بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي چيو آهي ته بيگناهه ماڻهن کي نشانو بڻائڻ وارن کي عبرت جو نشانو بڻايو ويندو.بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي جي صدارت هيٺ بلوچستان ڪابينا جو اجلاس ٿيو.ان موقعي تي ڳالهائيندي بلوچستان جي وڏي وزير چيو ته اسان کي ياد رکڻ گهرجي ته دهشتگردن پاڪستانين کي ماريو آهي نه ڪنهن پنجابي يا پختون کي.هن چيو ته ڪالهه واري اسيمبلي اجلاس ۾ دهشتگردي جي واقعن جي مذمت ڪئي وئي.سرفراز بگٽي جو چوڻ آهي ته هٿياربند دهشتگرد آسان هدف ڳولين ٿا.بلوچستان ڪابينا جي اجلاس ۾ دهشتگردي جي واقعن ۾ شهيد ٿيندڙن جي لاءِ فاتحه خواني پڻ ڪئي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو