اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان فيشن انڊسٽري جي معروف ڊيزائنر علي ذيشان شادي ڪري ڇڏي. سوشل ميڊيا تي ڊيزائنر علي ذيشان جون ان جي گهرواري سان اسلام آباد ۾ شادي جي موقعي تي ورتل تصويرون ۽ وڊيوز تمام گهڻيو وائرل ٿيون آهن. تصويرن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته شادي جي اُن پرمسرت موقعي تي جوڙي روايتي لباس جو به انتخاب ڪيو. معروف ڊيزائنر جي گهرواري مائره پيشي جي لحاظ کان صحافڻ آهي جنهن کي شادي واري ڏينهن گلابي رنگ جو عروسي جوڙو پاتل هيو جڏهن ته علي ذيشان روايتي شيرواني پاتي هئي. سوشل ميڊيا تي وائرل وڊيو ۾ علي ذيشان کي شادي جي موقعي تي پنهنجي گهرواري سان رقص ڪندي به ڏيکاريو ويو آهي. پاڪستاني ڊيزائنر علي ذيشان جي شادي جون تصويرون سوشل ميڊيا تي ٽرينڊ بڻجي ويون آهن ان موقعي تي کوڙ سارن ادڪارن ۽ اداڪارائن جوڙي کي مبارڪون ڏئي مستقبل لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار پڻ ڪيو آهي. واضح رهي ته مشهور فيشن ڊيزائنر علي ذيشان منفرد لباس بڻائڻ جي ڪري سڄي دنيا ۾ ويندو آهي هي پنهنجي پاتل ڪپڙن مان اڪثر ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان پيغام ورهائڻ جو به انتخاب ڪندو آهي.
