معاملو الله تي ڇڏيان ٿو، دوستي نڀائيندو رهندس: شيخ

راولپنڊي: (ويب ڊيسڪ) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه ۽ اڳوڻي وفاقي وزير شيخ رشيد عام چونڊن 2024 جي لاءِ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اميدوار طور ٽڪيٽ نه ملڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته مان پنهنجو معاملو الله تي ڇڏيان ٿو، پر دوستي نڀائيندو رهندس.سماجي رابطن جي ويب سائيٽ(ايڪس) تي بيان جاري ڪندي شيخ رشيد چيو ته مون کي ڏک ان ڳالهه جو آهي ته جيڪو شخص 17 ڀيرا وزير رهيو ان کي ڪجهه ماڻهن ٽڪيٽ ڏيڻ جي قابل ئي نه سمجهو اهڙن ماڻهن کي ٽڪيٽ ڏنا ويا جيڪي رات جو فلائيٽ ذريعي لنڊن ۽ آمريڪا مان آيا هئا. هن چيو ته مان پنهنجو معاملو الله تي ڇڏيان ٿو پر مان پنهنجي دوستي نڀائيندس، قوم کي آمريڪي ايجنٽن کي ناڪام بنائڻو پوندو. هاڻ اسان کي ٻڌائڻو پوندو ته هي قوم زنده آهي.عوامي مسلم ليگ جي سربراهه وڌيڪ چيو ته مان گذريل ڇهن ستن مهينن دوران جيڪي تڪليفون برداشت ڪيون آهن انهن جو سوچيو به نه هو. هنن چاهيو ٿي ته هڪ شخص ۽ ان جي خاندان خلاف بيان ڏيان. پر مون اهو ڪم نه ڪيو. جنهن تي منهنجي گهر کي نقصان پهچايو ويو، منهنجي ڀينرن، ڀائٽين ۽ خاندان جي هر ماڻهو سان زيادتي ٿي پر مان اصولي ماڻهو آهيان مان اصلي ۽ نسلي هئس. ان وقت به ڄميل رهيس آئنده به ڄميل رهندس. مان سچ سان جبل جيان بيٺل رهيس.شيخ رشيد وڌيڪ چيو ته مان نسلي ماڻهو آهيان مري ويندس پر پنڊي ۽ پنهنجي دوستي تي هڪ اکر به برداشت نه ڪندس.

پهنجو تبصرو موڪليو