معاشي ۽ سياسي بحران جي ذميواري حڪمران جماعتن مٿان عائد ٿئي ٿي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير اڳوڻوايم اين اي محمد حسين محنتي چيو آهي ته ملڪ ۾ معاشي ۽ سياسي بحران جي ذميواري حڪمران جماعتن مٿان عائد ٿئي ٿي، جن ملڪي استحڪام، معاشي ترقي ۽ عوام جي بنيادي مسئلن جي کي حل ڪرڻ بدران پنهنجي ذاتي مفادن ۽ آءِ ايم ايف جي ايجنڊي جي تڪميل ڪئي جنهن جي ڪري اڄ ملڪ مهانگائي، معيشت جي تباهي ۽ دهشتگردي جو شڪار آهي، عوام 08 فيبروري تي ٿيندڙ عام چونڊن ۾ نااهل ۽ غيرن جي ايجنٽ ٽولي کي مسترد ڪري اهل، مخلص ۽ ديانتدار قيادت کي ڪامياب ڪري ته جيئن ملڪ ترقي ۽ عوامي مسئلا حل ٿي سگهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن بهادر آباد ۾ چونڊن جي سلسلي ۾ ڪوٺايل ميڙاڪي کي خطاب ڪندي ڪيو جنهن ۾ مرد توڙي عورتن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. محمد حسين محنتي وڌيڪ چيو ته مهانگائي کان ويندي بدامني ۽ سيلاب متاثرين جي دادرسي تائين جماعت اسلامي ڪراچي کان ڪشمور تائين سنڌ جي عوام جي حقن لاءِ سگهارو آواز بڻجي رهي آهي، عوام پنهنجي ووٽ ذريعي خدمت جو موقعو ڏنو ته سندس ڀرپور خدمت ڪنداسين.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو