معاشي استحڪام لاءِ ادارن جي نجڪاري ضروري آهي

لاهور (ويب ڊيسڪ) ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته ملڪ ۾ معاشي استحڪام چاهيون ٿا، اسان کي ادارن جي پرائيوٽائزيشن جي طرف وڃڻو پوندو. لاهور ۾ تقريب کي خطاب ڪندي محمد اورنگزيب چيو ته اسان کي ملڪ جي باري ۾ ڳالهيون ڪرڻ گهرجن، اسان هن وقت ڪٿي بيٺل آهيون، گذريل 9 کان 10 مهينا گذرڻ کان پوءِ اسان وٽ هڪ فيز اچي ويو آهي.ناڻي واري وزير چيو ته روينيو جو حدف 94 کرب روپيه آهي. ڪرنٽ اڪائونٽ ۽ بجيٽ خساري کي ختم ڪرڻو آهي. واپاري برادري کي به ٽيڪس نيٽ ۾ آڻينداسين، پگهاردار طبقي تي به ٽيڪس لڳايو ويو آهي. محمد اورنگزيب چيو ته جيڪو واپاري ڀاءُ ٽيڪس نيٽ جي ٻاهر آهي اهو پاڻ ٽيڪس نيٽ ۾ اچي، هر طرح جون سهولتون ڏينداسين ٽيڪس نيٽ کان پوئتي نه هٽنداسين.وفاقي وزير چيو ته آءِ ايم ايف ٽيم پاڪستان پهچي چڪي آهي. سڀاڻي کان ڳالهيون شروع ٿينديون، آءِ ايم ايف سان 9 مهينن جو اسٽينڊ باءِ معاهدو ٿيو ان جو ڪريڊٽ نگران حڪومت ڏانهن به وڃي ٿو. انهن پڻ ذميواري ڏيکاري.هن چيو ته ايف بي آر جو ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم ناڪام رهيو آهي، آءِ ايم ايف وفد سان شروعاتي ڳالهيون اڄ ٿيون آهن. باقاعده ڳالهين جي شروعات سڀاڻي ٿيندي.هن وڌيڪ چيو ته روپئي جي قدر مستحڪم ٿي رهي آهي. ايڪسچينج ريٽ ۽ وياج جي شرح گهٽ ڪرڻ جو اختيار اسٽيٽ بينڪ وٽ آهي.محمد اورنگزيب چيو ته اسان جي ايجنڊا ۾ نجڪاري شامل آهي ان ۾ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنر شپ به هوندي. اهڙي ڪابه ڳالهه ناهي ته اسان صرف پرڏيهي سرمائيڪارن کي ڏسي رهيا آهيون.

پهنجو تبصرو موڪليو