حيدرآباد (پ_ر) مظلوم فلسطينين مٿان آمريڪا سامراج جي پٺڀرائي سان اسرائيلي حڪومت سمورا عالمي انساني قانوني ۽ آئيني ليڪا لتاڙي ظلم جي انتھا ڪري ڇڏي آھي. آمريڪا سامراج اسرائيل معرفت دنيا ۾ ٽئين عالمي جنگ لاءِ ماحول تيار ڪري رھيو آھي. انساني حقن جا عالمي ادارا ۽ ملڪ صرف بيان بازي ڪرڻ ۾ پورا آھن، مظلوم فلسطينين جون زندگيون بچائڻ لاءِ ڪي به ٺوس اپاءُ نٿا ورتا وڃن. مظلوم فلسطيني عوام جي مٿان اسرائيلي جارحيت ظلم ۽ بربريت ختم ڪرڻ لاءِ عالمي ادارا ۽ عالمي برادري پنھنجو ڪردار ادا ڪري. اھڙن خيالن جو اظھار عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، مرڪزي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي خزانچي علي محمد پرويز ۽ مرڪزي آفيس سيڪريٽري ايڊووڪيٽ راحيل ڀٽي پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ ڪيو آهي. اڳواڻن چيو آھي ته فلسطين ۾ اسپتالن، اسڪولن ۽ گهرن ۾ بمباري جي جيتري مذمت ڪجي سا گهٽ آهي. بي گناه ماڻهو مارائيندڙ عالمي سامراجي قوتن اسرائيل معرفت مظلوم فلسطينين تي يلغار ڪئي آھي. مسلم امه ۽ عالمي برداري جنگ بندي تائين اسرائيل سان واپاري لاڳاپا ختم ڪري. اسرائيل وٽ ايٽمي هٿيار دنيا جي امن ۽ سالميت لاءِ خطرو آهن. آمريڪا اسرائيل کي هڪ ملڪ بدران آمريڪي هٿيارن جو ڪارخانو بڻائي ڇڏيو آهي. آمريڪا اسرائيل ذريعي وچ اوڀر ۾ دهشتگردي پکيڙي رهيو آهي. گڏيل قومون اسرائيل جا هٿيار ختم ڪرائڻ لاءِ اڳتي اچن. اسرائيل وٽ جيستائين موتمار هٿيارن جو ذخيرو آهي، تيستائين دنيا مٿان خوني جنگ جو جن لامارا ڏيندو رهندو. اسرائيل_فلسطين معاملي جو منصفاڻو حل نڪرڻ گهرجي. فلسطين جي آزاد ۽ خودمختيار رياست فلسطيني عوام جو بنيادي انساني حق آهي.
