مظفر ڳڙهه ۾ مسافر بس ۽ ٽرالر ۾ ٽڪر، 6 ڄڻا فوت

مظفر ڳڙهه ۾ مسافر بس ۽ ٽرالر ۾ ٽڪر، 6 ڄڻا فوت

مظفر ڳڙهه )ويب ڊيسڪ)مظفر ڳڙهه ۾ تيز رفتار ٽرالر ۽ بس وچ ۾ ٽڪر ٿي پيو. جيو نيوز موجب، حادثو مظفر ڳڙهه جي لنگر سرائي علائقي ۾ پيش آيو، جتي علي پور کان لاهور ويندڙ مسافر بس ۽ ٽرالر ۾ ٽڪر ٿي پيو. ريسڪيو ذريعن موجب حادثي جي اطلاع ملڻ کان پوءِ امدادي ڪارروايون شروع ڪيون ويون ۽ هاڻي تائين حادثي ۾ 6 ماڻهن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ٿي چڪي آهي، جن ۾ 2 ٻار ۽ 2 عورتون شامل آهن، جڏهن ته بس ۾ سوار 8 ماڻهو زخمي ٿيا آهن. ريسڪيو ذريعن جو چوڻ آهي ته حادثي ۾ بس کي سخت نقصان پهتو آهي، حادثي ۾ فوت ٿيندڙن جا لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو