مصطفيٰ نواز کوکر سينيٽ جي ميمبرشپ تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

مصطفيٰ نواز کوکر سينيٽ جي ميمبرشپ تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پ پ اڳواڻ سينيٽر مصطفيٰ نواز کوکر سينيٽ جي رڪنيت تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي.مصطفيٰ نواز کوکر پنهنجي استعيفيٰ سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي کي جمع ڪرائي ڇڏي جنهن جي تصوير هن پنهنجي ٽوئيٽر اڪائونٽ تي شيئر ڪئي.پنهنجي پوسٽ ۾ مصطفيٰ نواز کوکر ڪنهن به سياسي پارٽي ۾ شامل ٿيڻ جي خبرن جي ترديد ڪئي.استعيفيٰ جي متن ۾ چيو ويو آهي ته سينيٽر فاروق ايڇ نائيڪ جي هدايت تي استعيفيٰ جمع ڪرائي رهيو آهيان.مصطفيٰ نواز کوکر 2018ع ۾ پيپلز پارٽي جي سيٽ تي سنڌ مان سينيٽر چونڊجي ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو