مريم نواز کي پنجاب ۾ مڪاني چونڊون ڪرائڻ گهرجن

لاهور (ويب ڊيسڪ)جماعت اسلامي پاڪستان جي اڳواڻ لياقت بلوچ پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز کان پنجاب ۾ مڪاني چونڊون ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي.اهڙو مطالبو جماعت اسلامي پاڪستان جي اڳواڻ لياقت بلوچ جاري ڪيل بيان ۾ ڪيو آهي.هنن جو چوڻ آهي ته بجلي، گيس، پيٽرول مهانگو آهي، ٽيڪسن ۾ واڌ سان معاشي بحران وڌيڪ ويتر ٿيندو.جماعت اسلامي پاڪستان جي اڳواڻ چيو آهي ته صوبائي حڪومتون مڪاني ادارن کي بااختيار بڻائين ۽ مڪاني ادارن جي سرگرمين مان ٻاهر اچن.هن وڌيڪ چيو ته نئين وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون بيگناهه قيدين خاص ڪري عورتن کي آزاد ڪن.

پهنجو تبصرو موڪليو