گرفتار ميمبرن جا پروڊڪشن آرڊر جاري ڪريو، بلاول ۽ مريم

لاهور(م ڊ) سڀني گرفتار ميمبرن جا پروڊڪشن آرڊر جاري ڪيا وڃن، ججن خلاف بدنيتي تي ٻڌل ريفرنس ختم ڪريو، حڪومت جو رويو غلط آهي، بجٽ منظور ڪرڻ نه ڏينداسين. اهڙو اظهار بلاول ڀٽو ۽ مريم نواز وچ ۾ جاتي امراء ۾ ٿيل ملاقات بعد جاري ڪيل پڌرنامي ۽ بيانن ۾ ڪيو ويو آهي. ملاقات دوران حڪومت مخالف تحريڪ جي حوالي سان صلاح مشورا ڪيا ويا ۽ جلد اي پي سي گهرائڻ بابت اتفاق ڪيو ويو. پي پي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پارٽي اڳواڻن سان گڏ جاتي امراء پهتو ته مريم نواز ۽ نواز ليگ جي اڳواڻن سندس آجيان ڪئي. بلاول ڀٽو سان گڏ قمر زمان ڪائره، چوڌري منظور ۽ مصطفيٰ نواز کوکر هئا، جڏهن ته نواز ليگ اڳواڻن ۾ راڻا ثناءُ الله، مريم اورنگزيب ۽ اياز صادق شامل هئا. بلاول ڀٽو زرداري ۽ مريم نواز وچ ۾ ملاقات دوران ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون. نواز ليگ ۽ پيپلز پارٽي جي قيادت جي گرفتاري توڙي اپوزيشن جي سرڪار مخالف تحريڪ جي حڪمت عملي تي به صلاح مشورا ڪيا ويا. نواز ليگ جي مرڪزي نائب صدر مريم نوازگذريل ڏينهن پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان فون تي رابطو ڪري مانجهاندي جي دعوت ڏني هئي، بلاول ڀٽو زرداري اُها دعوت قبول ڪندي آچر تي پارٽي اڳواڻن سان گڏ جاتي امراء پهتو. ملاقات بابت جاري ڪيل گڏيل پڌرنامي ۾ چيو ويو ته مريم ۽ بلاول اتفاق ڪيو ته ملڪ ۾ هر شعبو زوال جو شڪار آهي، ملڪ کي تباهه حالي جي انتهائي گهري ڌٻڻ ۾ ڌڪيو ويو آهي. معيشت شديد بحران ڏانهن وڃي رهي آهي، ملڪ کي عالمي شاهوڪارن وٽ گروي رکيو ويو آهي. قومي ادارا غيرن جي حوالي ڪرڻ باوجود صورتحال تيزي سان خراب ٿيندي پئي وڃي. رپئي جو اگهه لاڳيتو هيٺ ڪِري رهيو آهي ۽ مهانگائي وڌندي پئي وڃي. پڌرنامي موجب مريم ۽ بلاول جي ملاقات دوران نيب چيئرمين جون هڪ طرفيون انتقامي ڪارروايون ۽ حڪومتي ملي ڀڳت سان اپوزيشن خلاف ٽارگيٽڊ سلوڪ تي به غور ڪيو ويو. جڏهن ته نيب جي جعلي، بي بنياد ۽ هٿ ٺوڪين ڪيسن بابت عدالتن جي طرزِ عمل تي به غور ويچار ڪيو ويو. ملاقات دوران مولانا فضل الرحمان جي اي پي سي ۽ ٻنهي جماعتن جي گڏيل حڪمت عملي تي به ڳالهيون ٿيون ۽ اتفاق ڪيو ويو ته موجوده غير نمائندن حڪومت عوام جي حقيقي مينڊيٽ جي ترجماني ناهي ڪئي. پڌرنامي موجب حڪومتي رويي پارليامينٽ کي مفلوج بڻائي ڇڏيو آهي. سليڪٽڊ وزيراعظم ۽ نالائق حڪومت جي طريقن سان سفارتي سطح تي ملڪ جي بدنامي ٿي رهي آهي. پڌرنامي موجب مريم ۽ بلاول 2006ع دوران بينظير ڀٽو ۽ نوازشريف وچ ۾ ٿيل ميثاقِ جمهوريت کي هڪ اهم دستاويز قرار ڏنو ۽ اتفاق ڪيو ته ميثاقِ جمهوريت کي نين گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻ جي ضرورت آهي. پڌرنامي ۾ اعليٰ عدليه جي معزز ججز خلاف حڪومتي ريفرنس واپس وٺڻ جو مطالبو ڪندي چيو ويو ته ججز خلاف ريفرنس بدنيتي تي ٻڌل آهن ۽ عدليه جي آزادي تي حملو آهي. مريم ۽ بلاول ججز خلاف ريفرنس جي مذمت ڪندي عدليه جي آزادي ۽ خودمختياري لاءِ ڀرپور جدوجهد ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. ملاقات دوران مريم نواز ۽ بلاول ڀٽو قومي اسيمبلي جي گرفتار ميمبرن جا پروڊڪشن آرڊر جاري ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ۽ چيو ته اسپيڪر جانبداراڻو رويو ڇڏي ۽ گرفتار سمورن اسيمبلي ميمبرن جا فوري طور پروڊڪشن آرڊر جاري ڪيا وڃن.

پهنجو تبصرو موڪليو