گِل تي تشدد جا الزام ڪوڙا آهن، بنا ماسڪ ٺٺ سان ويٺو آهي، مريم يو شيئر ڪري ڇڏي

گِل تي تشدد جا الزام ڪوڙا آهن، بنا ماسڪ ٺٺ سان ويٺو آهي، مريم يو شيئر ڪري ڇڏي

اسلام آباد ( بيورو) سڌ سماءُ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شهباز گِل جي پمز اسپتال جي ڪمري جي تازي ويڊيو جاري ڪري ڇڏي آهي.اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مريم اورنگزيب چيو ته ٽن ڏينهن کان بنا جاچ جي پروپيگينڊا هلي رهي آهي ۽ شهباز گِل جو نالو لڳائي سوشل ميڊيا ۽ ميڊيا تي ويڊيوز هلايون پيون وڃن.هن چيوته شهباز گِل خلاف ه ڪيس داخل آهي ۽ پروپيگنڊا جاري آهي ته جنسي تشدد ٿيو، ڪيمرائون ڏسندي ئي پروپيگنڊا شروع ڪئي ويندي آهي، مٿس ڪنهن به قسم جو تشدد ناهي ٿيو.سندس چوڻ هو ته شهباز گِل سان منسوب شوشل ميڊيا تي ويڊيو چڪوال ۾ زيادتي ڪرڻ واري همراهه جي آهي، غلط ويڊيوز ڦهلائڻ سائبر ڪرائم جي زمري ۾ اچي ٿو ۽ سوشل ميڊيا تي بدتميزي جو طوفان جاري آهي.مريم اورنگزيب جو چوڻ هوته پي ٽي آءِ جو اصل مقصد ڪهاڻي بدلائڻ آهي ڇا ڪنهن تشدد جي اصل ويڊيو ڏٺي آهي.پريس ڪانفرنس دوران وفاقي وزير شهباز گل جي اسپتال جي ڪمري جي ويڊيو هلائي ۽ ٻڌايو ته هي ويڊيو هڪ ڪلاڪ اڳ جي آهي هو ٺيڪ ٺاڪ نموني ڳالهائي ٻولهائي رهيو آهي.سندس چوڻ هو ته شهباز گِل ڪتاب پڙهي رهيو آهي، سندس آڪسيجن وارو ماسڪ ڪيڏاهن ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو