آرمي چيف کي خط لکڻ جو فيصلو،مروت سعودي وفد خلاف ڳالهايو

راولپنڊي: (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ باني ملڪ جي حالتن تي آرمي چيف کي خط لکڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.عمران خان اڊيالا جيل ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته ملڪ جون حالتون تمام نازڪ مرحلي مان گذري رهيون آهن، رڪارڊ مهانگائي عوام جون متيون منجهائي ڇڏيون آهن. اهڙي صورتحال ۾ آرمي چيف کي خط لکڻ جو فيصلو ڪيو آهي.هن وڌيڪ چيو ته شير افضل مروت پارٽي لاءِ زبردست ڪم ڪيو ان کي ڪيترائي ڀيرا سمجهايو ته پارٽي پاليسي جي ڀڃڪڙي نه ڪري. هن چيو ته سياسي پارٽي ۾ دائري اندر رهي ڪم ڪرڻو هوندو آهي. جنگ ٻاهرين ماڻهن سان ٿيندي آهي پارٽي ۾ جهيڙو ناهي ٿيندو. پر شير افضل هر ٻئي ڏينهن ڪنهن نه ڪنهن پارٽي اڳواڻ تي چڙهائي ڪندو هو، ڪو پارٽي ڊسيپلين ۾ رهي ته صحيح، جيڪڏهن ڀڃڪڙي ڪندو ته هو هاٿي بڻجي ويندو آهي.پي ٽي آءِ باني چيو ته سعودي وفد جي دوري دوران شير افضل مروت تڪراري بيان ڏنو، جڏهن ته محمد بن سلمان منهنجي چوڻ تي 2 ڀيرا او آءِ سي ڪانفرنس ڪوٺائي. عمران خان چيو ته شير افضل مروت پارٽي جي لاءِ تمام گهڻو ڪم ڪيو پر کيس پارٽي پاليسي جي ڀڃڪڙي نه ڪرڻ گهرجي هو هاڻ به پارٽي پاليسي موجب هلندو ته ڪو مسئلو نه آهي ان کي نوٽيس جاري ڪيو آهي جيڪڏهن جواب ڏيندو ته صحيح آهي.صحافين طرفان شير افضل مروت سان جيل ۾ ملاقات بابت سوال جو جواب ڏيڻ کان پي ٽي آءِ باني لنوائي ويو.عمران خان چيو ته 190 ملين پائونڊ معاهدي کي ڳجهو رکڻ پراپرٽي ٽائيڪون ۽ نيشنل ڪرائم ايجنسي جي ڊيمانڊ هئي. برطانيه ۾ پئسا مني لانڊرنگ نه پر شڪي ٽرانزيڪشن جي ڪري پڪِڙيا ويا هئا. سول عدالت ۾ ڪيس هلي ها ته وڌيڪ پنجن سالن تائين پئسا پاڪستان نه اچي سگهن ها. پرڏيهي ملڪ جي عدالتن ۾ مختلف ڪيسن ۾ پاڪستان جا اڳ ئي 100 ملين ڊالر ضايع ٿي چڪا آهن. 190 ملين پائونڊ بابت انڪوائري نيب ۾ بند ڪئي وئي هئي جيڪا 2 سالن کان پوءِ ٻيهر کولي وئي. سپريم ڪرٽ جي اڪائونٽ ۾ جيڪي 35 ارب روپيه آيا ان تي 13 ارب جو منافعو به بڻجي چڪو آهي. غير آباد زمين تي القادر ٽرسٽ يونيورسٽي ٺاهي جيڪا ٻارن کي مفت تعليم ڏئي رهي آهي.بي گناهي ثابت ڪرڻ جي لاءِ شهزاد اڪبر ۽ فرح گوگي کي عدالت ۾ گهرائڻ بابت سوال جي جواب ۾ عمران خان چيو ته فرح گوگي سان صرف 3 ملاقاتون ٿيون آهن انهي جو تعلق بشريٰ بي بي سان هو، اهڙين حالتن ۾ شهزاد اڪبر آيو ته انهي کي ايئرپورٽ تان گرفتار ڪيو ويندو. هن وقت ملڪ ۾ جهنگ جو قانون آهي جهنگ جو بادشاهه سڀ ڪجهه هلائي رهيو آهي.پي ٽي آءِ باني وڌيڪ چيو ته پهريان گلگت ۽ هاڻ ڪشمير ۾ ماڻهو پنهنجي حقن لاءِ نڪري چڪا آهن. اڳڪٿي ڪري رهيو آهيان ته جون ۽ جولاءِ ۾ هنن کان ملڪ نه سنڀلجي سگهندو. بجيٽ ۾ ٽيڪسز، گيس ۽ بجلي جي بلز ۾ اضافي تي پگهاردار طبقو روڊن تي ٻاهر نڪري ايندو.

پهنجو تبصرو موڪليو