مردان: گيس ليڪيج ٿيڻ سبب ڌماڪو، 6 ڄڻا فوت، 2 زخمي

مردان: گيس ليڪيج ٿيڻ سبب ڌماڪو، 6 ڄڻا فوت، 2 زخمي

مردان: (ويب ڊيسڪ) مردان جي شهري علائقي ارم ڪالوني جي هڪ گهر ۾ گيس ليڪيج سبب ڌماڪي جي نتيجي ۾ 6 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا آهن جڏهن ته 2 زخمي ٿي پيا.پوليس موجب ارم ڪالوني جي هڪ گهر جي ٻئي منزل تي رات جو گيس ليڪيج سبب ڌماڪو ٿيو جنهن سبب گهر جي ڇت اڏامي وئي.پوليس ٻڌايو ته انهي افسوسناڪ واقعي ۾ گهر جا 6 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن جڏهن ته 2 معصوم ٻارڙا پڻ زخمي ٿي پيا آهن. ريسڪيو جي ٽيم 7 ڪلاڪن جي جدوجهد کان پوءِ اڄ صبح فوت ٿي ويلن ۽ زخمي ٿيلن کي ملبي مان ڪڍي مردان جي ميڊيڪل ڪمپليڪس منتقل ڪري ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو