مراد شاهه ڊجيٽل آدمشماري قبول ڪري سنڌ دشمني ڪئي

حيدرآباد (ن س)وقت کان اڳ بوگس فراڊي فرمائشي ۽ غير قانوني ڊجيٽل آدمشماري ڪرائي سنڌ دشمن ڪوڙا نتيجا ڪڍي انگن ۽ اکرن جي ھيرا ڦيري ڪري سنڌي قوم جي وجود مٿان وار ۽ سنڌ کان ڪراچي کي الڳ ڪري نئون اسرائيل ٺاهڻ واري ملڪ دشمن ۽ سنڌ دشمن سازش ڪئي وئي آھي. اڳوڻي پيپلزپارٽي جي صوبائي حڪومت جي وزير اعلي مراد علي شاھ سنڌ دشمن فراڊي ڊجيٽل آدمشماري جا سي سي آء جي اجلاس ۾ نتيجا قبول ڪري سنڌي قوم سان تاريخي ويساھ گھاتي، دوکو ۽ سنڌ سان غداري ڪئي آھي. پيپلز پارٽي جي ان ناقابل تلافي قومي ڏوھ کي سنڌ جو عوام ھزگز معاف نه ڪندو. نئين آدمشماري تي ٿيندڙ تڪبندين ۾ سنڌ جي ٻهراڙي وارن علائقن جون سيٽون گھٽايون ويون آهن. عالمي دھشتگرد ۽ سنڌ دشمن ٽولي ايم ڪيو ايم جي علائقن جي هٿرادو آبادي وڌائڻ لاءِ ڪراچي ۾ بار بار آدمشماري جا ڏينھن وڌايا ويا. سانگهڙ، خيرپور ۽ ٺٽي جي سيٽن ۾ گهٽتائي ايم ڪيو ايم جي سالن پراڻي نئين صوبي جي سنڌ دشمن مطالبي ۾ ساھ ڦوڪيو آهي. سنڌ جو عوام ان بوگس ۽ فراڊي ڊجيٽل آدمشماري کي رد ڪري چڪو آهي. نيون تڪبنديون سنڌ دشمن آهن. سنڌ ۾ افغانين سميت سمورن ڌارين کي نيڪالي ڏني وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار، ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي پنھنجي گڏيل پريس بيان ۾ ڪيو آهي. اڳواڻن چيو ته اليڪشن ڪميشن تڪبندين جي شروعاتي رپورٽ پڌري ڪئي آهي جنھن ۾ سانگهڙ، خيرپور ۽ ٺٽي جو هڪ هڪ صوبائي تڪ گھٽايو ويو آهي. سانگهڙ جي قومي ۽ ٺٽي جي سيٽ ڪراچي ۾ شامل ڪئي وئي آهي. عوامي تحريڪ اليڪشن ڪميشن جي تڪبندين کي رد ڪري ٿي.سنڌي عوام جي سخت احتجاجن خدشن ۽ رد عمل کان پوء به ان وقت جي پي ڊي ايم جي وفاقي حُڪومت پيپلزپارٽي جي سھولتڪاري ۾ بوگس آدمشماري جي شروعات تڏھن ڪرائي وئي، جڏھن سنڌ جو عوام مھا ھٿرادو آندل ٻوڏ کان بچڻ لاءِ پنھنجون زندگيون بچائڻ لاءِ پنھنجا گھر گھاٽ ڇڏي چُڪو ھو ان مھا ٻوڏ ۾ لکين گهر ڊهي پٽ پئجي ويا هئا ۽ ڪروڙين ماڻھو دربدر هئا. ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جا اهي لکين گهر ۽ ڪروڙين ماڻھو ڳڻيا ئي ناهن ويا. عوامي تحريڪ جي اڳواڻن مطالبو ڪندي چيو آهي ته سنڌ مان لکين افغانين سميت سمورن ڌارين کي نيڪالي ڏني وڃي. ڊجيٽل آدمشماري رد ڪري آئيني مدي تي آدمشماري ڪرائي سموري سنڌ ۾ آدمشماري عمل شفاف بڻائي سمورن سنڌين کي ڳڻيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو