مراد شاهه جي 40 پراونشل مئنجمينٽ پروبيشنرز سان ملاقات

مراد شاهه جي 40 پراونشل مئنجمينٽ پروبيشنرز سان ملاقات

ڪراچي ( اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي 40 پراونشل مئنجمينٽ پروبيشنرز سان ملاقات، سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته پنهنجي ڪيريئر کي بهترين بڻايو ، اوهان کي ديانتداري ، محنت ۽ بغير ڪنهن فرق جي عوام جي خدمت ڪرڻي آهي سي ايم هائوس جي پڌرائي موجب، هي ملاقات صوبائي سول سروس ٽريننگ پروگرام(سي ايس ٽي پي) جو حصو آهي. سي ايس ٽي پي جي ٽريننگ جي ايس اينڊ جي اي ڊي جي ٽريننگ مئنجمينٽ اينڊ ريسرچ (ٽي ايم آر) ونگ ڪرائيندي آهي،ان موقعي تي وڏي وزير چيو ته صوبائي سروس جي ملازمن جي بهترين تربيت لاءِ بندوبست ڪيو آهي، هن چيو ته سنڌ حڪومت پنهنجي ملازمن جي سروس ۾ انٽري، مڊ ۽ سينئر ليول تي تربيت ڪرائيندي آهي، هن پراونشل مئنجمينٽ پروبيشنرز سان مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان پنهنجي ڪيريئر کي بهترين بڻايو ، اوهان کي ديانتداري ، محنت ۽ بغير ڪنهن فرق جي عوام جي خدمت ڪرڻي آهي، هن وڌيڪ چيو ته اوهان اسسٽنٽ ڪمشنر بڻجڻ وڄي رهيا آهيو اوهان کي بهتر خدمت ڪرڻي آهي ته جيئن عوام جا مسئلا حل ٿي سگهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو