مدين  واقعي ۾ ملوث 23 ڄڻا گرفتار، اڻڄاتل هنڌ منتقل

مدين واقعي ۾ ملوث 23 ڄڻا گرفتار، اڻڄاتل هنڌ منتقل

سوات )ويب ڊيسڪ)سوات جي علائقي مدين ۾ توهين رسالت جي الزام ۾ هڪ شخص کي جيئرو ساڙڻ واري واقعي ۾ ملوث 23 ڄڻن کي گرفتار ڪري اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪيو ويو آهي.ان حوالي سان پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار ٿيلن خلاف اڳ ئي ٿاڻي تي حملي ۽ باهه ڏيڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي ۾ ملوث وڌيڪ ماڻهن جي گرفتاري لاءِ ڪارروائي ڪئي پئي وڃي.ٻئي طرف مديني واقعي جي جاچ لاءِ جي آءِ ٽي جوڙي وئي آهي، جنهن جو پڌرنامو جاري ڪيو ويو آهي.بيان موجب جي آءِ ٽي 9 ميمبرن تي مشتمل آهي، جاچ ڪميٽي جو سربراهه ايس پي هوندو.

پهنجو تبصرو موڪليو