اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) مدرسن جي رجسٽريشن واري معاملي تي اڳڀرائي ٿي آهي ۽ حڪومت اتحاد تنظيمي مدرسن جا سمورا مطالبا تسليم ڪري ورتا آهن.ذريعن موجب اها پيش رفت مولانا فضل الرحمان جي وزيراعظم سان ملاقات دوران ٿي.ذريعن موجب حڪومت اتحاد تنظيم مدرسن جا سمورا مطالبا منظور ڪري ورتا آهن.ذريعن جو چوڻ آهي ته حڪومت مدرسن کي سوسائٽيز رجسٽريشن ايڪٽ 1860 تحت رجسٽر ڪرڻ جو يقين ڏياريو آهي.ذريعن موجب 26هين آئيني ترميم جي روشني ۾ پاس ڪيل بل جو نوٽيفڪيشن ڪجهه ڏينهن ۾ ڪيو ويندو.










