اسلام آباد (بيورو رپورٽ)وفاقي ڪابينا مولانا فضل الرحمان جو مطالبو قبول ڪندي مدرسن جي رجسٽريشن بابت آرڊيننس جاري ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي ۽ انڪم ٽيڪس ترميمي آرڊيننس ۾ ترميم جي به منظوري ڏئي ڇڏي.اسلام آباد ۾ وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي ۽ اقتصادي معاملن جو جائزو ورتو ويو.وفاقي ڪابينا مولانا فضل الرحمان جي مدرسن جي رجسٽريشن بل جي مطالبي تي آرڊيننس جاري ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.وفاقي ڪابينا انڪم ٽيڪس ترميمي آرڊيننس ۾ ترميم جي به منظوري ڏئي ڇڏي، انڪم ٽيڪس ترميمي آرڊيننس جي نفاذ سان بئنڪن جي منافعي تي ڳرو ٽيڪس لاڳو ٿيندو.










