اسلام آباد(بيورو رپورٽ)جي يو آءِ اڳواڻ حافظ حمدالله چيو آهي ته مدرسا ۽ جي يو آءِ مدرسن جي رجسٽريشن بل ۾ ڪا به ترميم قبول نه ڪنديون آهن.ان سلسلي ۾ پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته مدرسن بل جي معاملي ۾ حڪومت سياسي، اخلاقي ۽ قانوني طور تي وڃائي چڪي آهي، مدرسن جي رجسٽريشن بل ايڪٽ بڻجي ويو آهي، ان جو گزيٽ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو وڃي.حافظ حمدالله چيو ته حڪومت کان جي يو آءِ ۽ مدرسن جي تنظيمن جو اهو مطالبو آهي، پارليامينٽ بالادستي جو مطالبو ڪري رهي آهي، پارليامينٽ جي منظور ڪيل بل کي قانون تسليم ڪيو وڃي.هن چيو ته بال حڪومت جي ڪورٽ ۾ آهي، اڃا وقت آهي حڪومت فيصلو ڪري ٻي صورت ۾ دير ٿي ويندي.حافظ حمدالله چيو ته پارليامينٽ جا فيصلا ايف اي ٽي ايف جي حوالي نه ڪيا وڃن يا قوم کي ٻڌايو وڃي ته ايوان ۾ فيصلا عوام جي نه پر ايف اي ٽي ايف جي مرضي سان ٿيندا.










