مختيارڪار تي حملو، ڦورو ڪٽڪو ڏئي بعد فرار ٿي ويا

سکر( جيرام داس) سئنيما روڊ پنو عاقل جي رهواسي مختيار ڪارشبيرڪلهوڙوجي گهر ۾ هٿياربندن جومبينا حملومزاحمت ڪرڻ تي ڦورو کيس لٺيون ڪهاڙيون هڻي زخمي ڪري 3 لک کان وڌيڪ روڪ رقم،موبائل فون ۽ ٻيو قيمتي سامان کڻي فرار ٿي ويا،موقعي تي مختيار ڪار کي هٿياربندن کان بچائيندي سندس ڀاڻيجو شمس الدين ڪلهوڙو به ڦٽي ٿي پيو، جن کي علاج لاءِ پاڙيوارن تعلقه اسپتال پنو عاقل داخل ڪرايو، جتي زخمي حالت ۾ شبير ڪلهوڙو سنڌيار سان ڳالهائيندي چيو ته کيس زخمي ڪندڙ هٿيار بند ڪلهوڙا برادري جا اصغر، حبيب،پريل،نويد ۽ عنايت ڪلهوڙو آهن جن گهر ۾ داخل ٿي3 لک کان وڌيڪ روڪ رقم ،موبائل فون۽ ٻيو لکين رپين جي ماليت جوقيمتي سامان پڻ کڻي فرار ٿي ويا،هن چيو ته مونکي ڇڏائڻ ايندڙ شمس الدين ڪلهوڙو کي به هٿياربندن مرڻينگ ڪري ڇڏيو رڙيون ٻڌڻ بعد پاڙيوارن کڻائي اسپتال داخل ڪرايو آهي،واضع رهي ته اهڙي واقعي جي خبر ٻڌندي ڪلهوڙا برادري جا ماڻهون ۽ شهري وڏي انگ ۾ اسپتال پهچي ويا، جڏهن ته رابطي ڪرڻ تي ڊي ايس پي پنوعاقل لياقت عباسي جو چوڻ هيو ته حملي آور جوابدار ڪيڏا به با اثر هجن کين سوگهو ڪري مٿن ڪيس داخل ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو