مختلف شهرن ۾ حادثن ۽ خود ڪشي سبب 3 فوت 2 زخمي

ڪراچي(نمائندن وٽان) سنڌ جي چئن شهرن ۾ پيش آيل خود ڪشي ۽ روڊ حادثن ۾ 3 فوت ۽ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. *** اوٻاوڙو  مان ايم بچل گهنڃو موجب کهمڀڙا جو رهواسي22  ساله نوجوان ممتاز شاهه پنهنجي والد عالم شاهه سان ڪاوڙجي گهوٽڪي فيڊر ۾ ٽپو ڏيئي خودڪشي ڪري ڇڏي.  اطلاع تي سوين ڳوٺاڻا ۽ کهمڀڙا پوليس پهچي ڪافي ڳولا بعد لاش هٿ ڪيو. قانوني ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪري ڇڏيو. *** قبوسعيدخان مان خادم حسين جاگيراڻي موجب شاھ وسايو ويجھو  35 ورھين جو احمد رضا جمالي موٽر سائيڪل ڪنٽرول مان نڪري وڃڻ ڪري پٿرن ۾ لڳڻ سبب ڪري فوت ٿي ويو. باغ ٽيل جي ڳوٺ منظور جمالي جو رھواسي 35 ورھين جو احمد رضا جمالي شھدادڪوٽ کان پنھنجي ڳوٺ طرف وڃي رھيو ھو ته حادثو پيش آيو. *** دادو مان ادل مهيسر موجب تيز رفتار موٽر سائيڪل سوار ڳوٺ ڪوريجا وڃي رهيو هو ته نورجهان روڊ تي  بيٺل گڏه گاڏي سان زوردار  ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ موٽر سائيڪل سوار  40سالا نزاڪت ڪوريجو زخمي ٿي پيو جنهن کي سول اسپتل دادو ايمرجنسي آندو ويو جتي زخمن جا سور نه سهندي  فوت ٿي ويو*** خانپور  مان زبيرگل موجب  انڊس ھاءِ وي  تي واقع ٻئي نمبر ناڪي وٽ ڪنڌ ڪوٽ کان ڪراچي طرف ويندڙ مسافر ڪوچ جو گڏھ گاڏي سان ٽڪر ٿي پيو نتيجي ۾ گڏھ مري ويو  ۽ گڏھ گاڏي تي سوار پڪي قبر جي ڳوٺ بنگل رند جا رھواسي 44 ورھين جو بخش علي عرف بخشو رند ۽ سندس 12 ورھين جو ڀاڻيجو عبدالله زخمي ٿي پيا زخمين کي موقعي تي بيٺل ماڻھن کڻائي خانپور اسپتال آندو جتي کين طبي امداد ڏني وئي آھي ھوڏانھن خانپور پوليس مسافر ڪوچ کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آھي.

پهنجو تبصرو موڪليو