ڪراچي(ويب ڊيسڪ)اسلام ڪوٽ ويجهو ٿرڪول روڊ تي اسڪولي بس موٽرسائيڪل سوارن مٿان چڙهي وئي، حادثي جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن،ڳوٺ کاريو غلام شاهه وٽ حادثي دوران موٽرسائيڪل سوار اشوڪ پٽ ڪيول ۽ گوپال پٽ ڌرمون چيڀاٽجي فوت ٿي ويا،اطلاع تي پوليس پهچي ٻنهي جا لاش تحويل ۾ وٺي اسپتال منتقل ڪيا،ٻئي پاسي ڏوڪري باءِ پاس وٽ تيز رڪار ڪار ڪلٽي ٿيڻ سبب 2 نوجوان فوت ۽ 2 زخمي ٿي پيا آهن،حادثي دوران ڳوٺ ٻلهڙيجي واسي احسن انصاري ۽ ڳوٺ بابل جروار واسي احسن جروار فوت ٿي ويا،علي ڏنو ۽ مٺل ڏيرو زخمي ٿي پيا، فوتين جا لاش ۽ زخمي لاڙڪاڻي اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن
