مخالف ڌر جي جوڻ تي بدين پوليس جي ڳوٺ تي چڙهائي ڳوٺاڻن جو احتجاج

مخالف ڌر جي جوڻ تي بدين پوليس جي ڳوٺ تي چڙهائي ڳوٺاڻن جو احتجاج

بدين (ن س) مخالف ڌر جي جوڻ تي بدين پوليس جي ڳوٺ تي چڙهائي ڳوٺاڻن جو احتجاج انصاف جي گھر خبر تفصيل موجب بدين ڀرسان کوسڪي روڊ تي ڳوٺ گل محمد سيال ۾ منشيات جي بھاني تي بديـ پوليس پاران آڌيءَ رات جو چڙهائي خلاف ڳوٺاڻن عبدالرحمان سيال حسين بخش سيال ڄام سيال ۽ ٻين بدين پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪرڻ بعد پريس ڪانفرنس ڪندي الزام هنيو آهي تہ گذريل رات دير سان بدين پوليس جي جن ۾ ليڊيز پوليس شامل نه هئي اسان جي گهرن تي چڙهائي ڪئي آهي عورتن ۽ معصوم ٻارڙن کي ننڊ مان اٿاري انهن جي تذلیل ڪئي ويئي پوليس اهلڪارن چادر ۽ چايواري جو تقدس پائمال ڪري اسان وٽ آيل مهمانن جي پڻ تذلیل ڪئي آهي منشيات نہ ملڻ بعد اسان جي نوجوانن تي تشدد ڪيو جنهن سبب اسان جا ڪيترائي نوجوان ڳوٺ ڇڏي ڀڄي ويا آهن ھنن جو چوڻ آهي ته بدين پوليس اسن جي مخالفن جي ونگاري وهي آهي هنن چيو تہ اسان هاري ماڻهون آهيون منشيات وڪرو ڪرڻ جو سوچي بہ نہ ٿا سگهون ڳوٺاڻن خدشو ظاهر ڪيو آهي ته بدين پوليس اسان جي مخالفن جي ونگار ۾ منشيات وڪرو ڪرڻ واري الزام ۾ اسان تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن هنن آئي جي سنڌ ڊي آئي جي حيدرآباد ۽ سيشن جج بدين ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کان گُهر ڪئي آهي تہ بدين پوليس خلاف سخت ڪارروائي ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ اسان عدالت ۾ وينداسين

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو