محمود خان مولانا فضل الرحمان جي حق ۾ دستبردار

ڪوئيٽا(ويب ڊيسڪ) محمود خان اچڪزئي قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 265 تان هٿ کڻي ويو،اليڪشن ڪميشن طرفان 8 فيبروري تي ٿيندڙ عام چونڊن جي سلسلي ۾ اميدوارن لاءِ اڄ نامزدگي ڪاغذ واپس وٺڻ جو ڏينهن آهي.ان سلسلي ۾ پشتونخوا ملي عوامي پارٽي جي سربراهه محمود خان اچڪزئي قومي اسيمبلي جي تڪ لاءِ پنهنجا ڪاغذ واپس وٺي ڇڏيا آهن.پي ڪي ميپ طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته محمود خان اچڪزئي اين اي 265 تان نامزدگي ڪاغذ واپس وٺي ڇڏيا آهن، محمود خان مولانا فضل الرحمان جي حق ۾ پنهنجا نامزدگي ڪاغذ واپس وٺي ڇڏيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو