محمد حنيف جو نئون انگريزي ناول ”ريڊ برڊز“ محمد صديق سومرو

”ڳاڙها پکي حقيقي آهن. انهن کي ياد رکڻ جي ڊپ کان اسان ڏسڻ نه ٿا چاهيون. جڏهن ڪنهن جي سِسِي ڌڙ کان ڌار ڪئي ويندي آهي ته مقتول جي رت جو آخري ڦڙو ڳاڙهي پکيءَ ۾ تبديل ٿي اُڏري ويندو آهي. جڏهن اسان انهن کي وسارڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون ته اهي ٻيهر نروار ٿي ايندا آهن. انهن جو نروار ٿيڻ هڪ يادگيري هوندي آهي ته ڀل اهي مري چڪا آهن پر پر انهن اسانکي ڇڏيو ناهي. اسان کين وسارڻ جي ڪيتري به ڪوشش ڪيون پر جڏهن به اسان مٿي ڏسندا آهيون ته اسانکي اهي سرخ پکي نظر اچي ئي ويندا آهن“.

پاڪستان جي ناليوراي صحافيءَ ۽ ناول نگار محمد حنيف پنهنجي نئين ناول ”ريڊ برڊز“ ۾ ڳاڙهن پکين جي وضاحت ڪجهه اهڙيءَ ريت ڪئي آهي. ناول ٽن حصن تي ٻڌل آهي. پهرين حصي جو نالو ريگستان ۾، ٻئي حصي جو نالو ڪيمپ ۾ ۽ ٽئين حصي جو نالو هينگر طرف رکيو ويو آهي جنهن ۾ ميجر ايلي سفر ڪندو رهي ٿو.

ناول جي شروعات ۾ پناهه گير ڪيمپ تي بمباريءَ جي ارادي سان ايندڙ آمريڪي ميجر ايليءَ جو هڪ جهاز ريگستان ۾ ڪري پوي ٿو. اٺن ڏينهن تائين ريگستان ۾ ڀٽڪڻ بعد هڪ زخمي ڪتي جي شڪل ۾ ايليءَ کي هڪ زندگيءَ جو سراغ ملي ٿو. پندرنهن سالن جو ”مومو“ پنهنجي ڪتي جي تلاش خاطر ريگستان ۾ ايندو آهي ته ايليءَ کي اتي ڏسندو آهي. مومو کان ٻه سال وڏو سندس ڀاءُ علي ڪجهه عرصوپهريان ريگستان ۾ قائم هڪ آمريڪي جهازن جي اڏي ”The Hangar“ ۾ نوڪريءَ جي غرض سان ويو هو. ان بعد علي ڀاءُ جو ڪو پتو نه پيو. انهيءَ صورتحال بعد مومو جي پيءُ هڪ عورت کي گهر وٺي ايندو آهي جيڪا مسلمان ذهنيت تي تحقيق ڪري رهي هوندي آهي. مومو ان جي باري ۾ چوندو آهي ته ”صفا سادي ڳالهه آهي ته پهريان هو آسمان کان اسان تي بمباري ڪندا آهن ۽ پوءِ اسان جي ذهني دٻاوَ کي ختم ڪرڻ ۽ اسانجي ذهن کي پڙهڻ جي ڪوشش ڪندا آهن“.

ناول جي اهم ڪردارن ۾ ميجر ايلي، مومو ۽ مومو جو ڪتو ”مَٽُ“ شامل آهن. سڀ کان مزيدار باب ڪتي ”مٽ“ جي ڪهاڻيءَ وارا آهن جيڪو وڏي مزي سان پنهنجي زندگيءَ جي بدترين ڏينهن جا قصا ٻڌائيندا آهن. محمد حنيف ڪتي ذريعي اهڙي ڪهاڻي بيان ڪرڻ جو انوکو ۽ دلچسپ طريقو اختيار ڪيو آهي. انسان جا بيان ته هميشهه ان جي پنهنجي مفادن خاطر هوندا آهن پر هڪ پالتو جانور طرفان ڳالهيون ڪرڻ بيمثال آهي.

ليکڪ پنهنجي قلم ذريعي آمريڪي فوجين ۽ پناهه گيرن وچ ۾ موجود نفيساتي دٻاءَ يا ڳانڍاپي جي شاندار عڪاسي ڪئي آهي. ڪيمپ ۾ اچڻ کان اڳ پناهه گيرن جي باري ۾ ميجر ايليءَ جو علم هُن جي ٽريننگ تائين محدود هوندو آهي. مومو سان گڏ ڪميپ اندر ويندي ميجر ايلي پنهنجي پاڻ کان پڇندو آهي ته ”ڇا مان هن ڪيمپ ۾ هڪ مهمان آهيان يا وري هڪ قيدي جنهن جو سودو کاڌي جي ننڍڙي ٽِن بدلي ڪيو ويندو“.

ميجر ايلي گهڻو بُکايل هوندو آهي پر ”فادر ڊيئر“ کيس پنهنجو داستان ٻڌائڻ شروع ڪري ڇڏيندو آهي. ايلي غصي ۾ اندر ئي اندر پڄرندو رهندو آهي ته ”منهنجي ملڪ جو هڪ پورو شعبو هنن ماڻهن (پناهه گيرن) جي کاڌي لاءِ وقف آهي. هنن ماڻهن جي حفاظت خاطر هڪ فائيو اسٽار هوٽل ۾ جهازن جو اڏو ٺاهيو ويو آهي جنهن جو سمورو خرچ منهنجي ديس واسين کان ورتل محصول مان پورو ڪيو وڃي ٿو. ڪٿي آهي منهنجو کاڌو؟ ڪميپ ۾ جڏهن ميجر ايليءَ کي کير سان گڏ چانور پيش ڪيا وڃن ٿا ته هو پنهنجي بيعزتي محسوس ڪري ٿو. ايليءَ کي اهو احساس نه ٿو ٿئي ته هي هڪ پناهه گير ڪيمپ آهي جتان جي رڌڻن مان ڪيترن سالن کان ٻوڙ جي خوشبوءَ بجاءِ غم ۽ پيڙا جي خوشبو ايندي آهي ۽ نيريءَ ڇت کي گهر جي قيمتي سامان طور ڳڻيو ويندو آهي.

هيءَ ئي اها ڪيمپ آهي جتي ايليءَ جي ملڪ واري حڪومت مطابق ”خراب رهندا آهن ۽ امن امان قائم رکڻ خاطر ان ڪيمپ کي تباهه ڪرڻ لازمي آهي“. ڪرنل چوندو آهي ته ”اگر جنگ پوائنٽس حاصل ڪرڻ جو اهم موقعو ناهي ته پوءِ ٻيو ڇا آهي“. غاضب قومن جي نظر ۾ پوائنٽس ٺاهڻ، ڪنهن پائلٽ کان پناهه گير ڪيمپ مٿان بمباري ڪرائي ان جي ڪيريئر پوانٽس ۾ اضافو ڪرڻ، ساڳي تباهه ٿيل علائقي ۾ ماڻهن کي امداد ڏئي دنيا جي قومن ۾ انسانيت جو همدرد بڻجي وڃڻ جون پوائنٽس ۽ پوءِ کين ڪيمپن ۾ پنهنجا کوجنائي ماڻهو موڪلي انهن تي تحقيق ڪرڻ جا موقعا پيدا ڪيا ويندا آهن. مطلب ته جنگ واقعي قابض قومن کي لاتعداد موقعا مهيا ڪندي آهي“.

ايلي ياد ڪندو آهي ته ”منهنجي ڪيريئر جي ابتدا ۾ ملڪ جي مرڪزي ڪمانڊ يا وري مرڪزي ڪمانڊ جو ملڪ واري موضوع تي بحث ٿيندو هيو“. اهو بحث اڄ به گھڻي اهميت وارو آهي، ڇو ته جڏهن اسان دنيا جي نهايت اهم جمهوريتن ۾ غير مشهور ۽ غير سياسي شخصيتن کي رياستن جو سربراهه ٿيندي ڏسندا آهيون. اهڙين حالتن ۾ شعور رکندڙ هر هڪ ماڻهوءَ جي ذهن ۾ سوال اڀرندو آهي ته ڇا رياستن جا اهي سربراهه عوام پاران ڏنل ووٽ جي بنياد تي چونڊيا ويا آهن يا ملڪ جي مرڪزي ڪمانڊ کين چونڊي اڳتي کڻي آئي آهي.

اگر محمد حنيف جي لکڻيءَ ۾طنز نه هجي ته سندس لکڻي اڌوري معلوم ٿيندي آهي. هميشهه وانگر حنيف جي هيءَ لکڻي به طنز ۽ مزاح سان ڀرپور آهي. ميجر ايلي سوچيندو آهي ته ”ڏاڍو سٺو. هڪ سال ۾ هي ماڻهو مونکي نوڪريءَ مان رٽائر ڪري ڇڏيندا ۽ منهنجي جڳهه تي هيوسٽن مان آندل هڪ چريو هوندو جيڪو هڪ هٿ سان ڊرون ڪنٽرول ڪري جنگ ڪندو ۽ ٻئي هٿ سان بار بي ڪيو ساس ۾ فراءِ ٿيل دٻو کائيندو“. ڪرنل ميدان جنگ ۾ گھڻن تمغن سان گڏ نامناسب وقت تي غيرضروري ڳالهيون ڪرڻ سبب هميشهه ئي دڙڪا به کاڌا“.

ناول ريڊ برڊز جو ليکڪ محمد حنيف

علي مومو کي چوندو آهي ته ”جنهن تي تون هلندو آهي اها واري نه پر زمين آهي جيڪا اسانجي ماءُ آهي. ان جو سودو ڪرڻ ماءُ جو سودو ڪرڻ برابر آهي. مومو جواب ۾ چوندو آهي ته ”ته پوءِ تيل وڪڻڻ وارا ملڪ پنهنجي ماءُ جو کير ڇو وڪڻي رهيا آهن؟” سور جي ڪري تڙپندڙ هڪ آمريڪي پوري ڪائنات جو درد هوندو آهي. زبان جو بهترين استعمال ڪندي حنيف ڪيمپ جي انهيءَ المناڪ زندگيءَ، جنگ جي ڊگھي مدي وارن اثرن ۽ آمريڪي بيوروڪريسيءَ کي نهايت ئي سادي، هلڪي ڦلڪي ۽ طنز سان ڀريل زبان ۾ ڏاڍي عمدي انداز سان بيان ڪيو آهي. ناول کي پڙهندي لحظي لحظي پڙهندڙ جي چپن تي مسڪراهٽ ۽ اکين ۾ ڳوڙها به تري ايندا. حنيف قريشيءَ درست حساب سان ناول کي ”هڪ نهايت مزاحيه الميو“ قرار ڏنو آهي.

(بنيادي طور تي اردوءَ ۾ لکيل جيڪو ڊان ڊاٽ ڪام اردوءَ جي ويب سائيٽ جي ٿورن سان هتي پيش ڪيو وڃي ٿو)  

پهنجو تبصرو موڪليو