اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اسلام آباد ۾ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي سان برطانوي هاءِ ڪمشنر جين ميريٽ ملاقات ڪئي.وفاقي گهرو وزير محسن نقوي برطانوي هاءِ ڪمشنر جين ميرٽ جي گهرو وزارت پهچڻ تي آجيان ڪئي. ملاقات ۾ ٻه طرفي سيڪيورٽي تعاون، گڏيل دلچسپي جي معاملن، پاڪستان ۽ انگلينڊ وچ ۾ ڪرڪيٽ سيريز تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ مختلف شعبن ۾ لاڳاپا مضبوط ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو. برطانوي هاءِ ڪمشنر پي ايس ايل 9 جي ڪامياب انعقاد تي محسن نقوي کي مبارڪباد ڏني. برطانوي هاءِ ڪمشنر محسن نقوي کي بنا مقابلي سينيٽر چونڊجڻ تي نيڪ خواهشن جو اظهار پڻ ڪيو. برطانوي هاءِ ڪمشنر جين ميريٽ چيو ته کيس پي ايس ايل جي ميچ ڏسي ڏاڍو مزو آيو، هو پي سي بي سان گڏ گهرو وزارت ۾ محسن نقوي جي ڪاميابي لاءِ دعا به ڪن ٿا. هن وڌيڪ چيو ته اميد آهي ته پاڪستان ۽ انگلينڊ وچ ۾ ٿيندڙ ميچن مان ڪرڪيٽ شائقين کي ڀرپور مزو ايندو، هو پاڪستان سان مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ چاهين ٿا. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته پاڪستان ۽ برطانيا جي تاريخي لاڳاپن جي اهميت پنهنجي جاءِ تي آهي. پاڪستان مختلف شعبن ۾ برطانيا جي تعاون کي ساراهيو، پاڪستان ۽ انگلينڊ وچ ۾ ٽي ٽوئنٽي سيريز ٻنهي ٽيمن کي ورلڊ ڪپ جي تيارين ۾ مدد ڪندي.هن چيو ته پاڪستان ۾ رهندڙ سمورن شهرين جو تحفظ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، دهشتگردن کي ڪڏهن به امن امان جي صورتحال خراب ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، دهشتگردي هڪ عالمي مسئلو آهي، جنهن کي گڏيل حڪمت عمليءَ سان منهن ڏيڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙي وڃي. وقت وٺندو آهي.










