گھوٽڪي ( ن سنڌيار)ايس ايس پي گهوٽڪي پاران محرم الحرام ۾ سڪيورٽي جا انتظام سخت ڪرڻ لاءِ پلان جوڙي ڇڏيو، ايس ايس پي گهوٽڪي تنوير تنيو جو چوڻ آهي ته محرم الحرام دوران امن امان جي صورتحال جي فضا برقرار رکڻ لاءِ فول پروف سڪيورٽي پلان تيار ڪيو ويو آهي، ڪنهن کي به امن امان خراب ڪرڻ نه ڏنو ويندو، ايس ايس پي گهوٽڪي جي پي آر او پاران جاري ڪيل پريس رليز موجب، گهوٽڪي ضلعي اندر 67 امام بارگاهون آهن، جڏهن ته عاشور جي ڏهاڙي تي 81 ماتمي جلوس بر آمد ڪيا ويندا ۽ 11 امام بارگاهون حساس قرار ڏنيون ويون آهن جن ۾ ڳوٺ حاجي مودي بي سيڪشن، حسيني امام بارگاهه گهوٽڪي، مرڪزي امام بارگاهه خانپورمهر، پڙ باڪر علي شاھ ميرپور ماٿيلو، گل محمد پتافي دادلغاري، حيدري امام بارگاهه ڏھرڪي، حسيني امام بارگاهه اوٻاوڙو، بخش چاچڙ ريتي سميت 11 شامل آهن، جڏهن ته 70 نارمل قرار ڏنيون ويون آهن، 596 مجلسون برپا ڪيون وينديون جيڪي نارمل نوعيت جون آهن، جلوسن ۽ امام بارگاهن جي نگراني لاءِ 2851 پوليس آفيسرن سميت اهلڪار ڊيوٽيون سرانجام ڏيندا، 5 ڊي ايس پي، 388 انسپيڪٽر، سب انسپيڪٽر، اسسٽنٽ سب انسپيڪٽر سميت 418 هيڊ ڪانسٽيبل ۽ 2040 پوليس اهلڪار محرم الحرام دوران ڊيوٽي سرانجام ڏيندا، جڏهن ته 240 رينجرز جي جوان پڻ ڊيوٽي سرانجام ڏيندا، هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ 260 اضافي پوليس ڪمانڊوز کي پڻ الرٽ ڪيو ويو آهي، ان کان علاوه ليديز پوليس اهلڪار ۽ بم ڊسپوزل اسڪارڊ پڻ موجود آهي، سي سي ٽي وي ۽ وڊيو رڪارڊنگ ذريعي پڻ تمام حرڪت تي نظر رکي ويندي، هوڏانهن ايس پي گهوٽڪي تنوير حسين تنيو تمام ڊي ايس پيز ايس ايڇ اوز کي سڪيورٽي سخت ڪرڻ لاءِ هدايتون جاري ڪيون ويون آهن..










