محرم الحرام دوران  ملڪ ۾ فوج مقرر ڪرڻ جي منظوري

محرم الحرام دوران ملڪ ۾ فوج مقرر ڪرڻ جي منظوري

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) محرم الحرام دوران امن امان برقرار رکڻ لاءِ سڄي ملڪ ۾ فوج مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي.وفاقي حڪومت صوبن جي درخواست تي فوج کي ڪوئڪ رسپانس فورس طور مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.گهرو وزارت طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب فوج کي ڪيتري ۽ ڪٿي موڪلڻ جو فيصلو صوبا ڪندا، فوج جي واپسي جو فيصلو گڏيل مشاورت سان ڪيو ويندو.اسلام آباد، آزاد ڪشمير، گلگت بلتستان ۾ به فوج مقرر ڪئي ويندي، فوج جي مقرري جو فيصلو آئين جي آرٽيڪل 245 تحت ڪيو ويو.سنڌ ۾ محرم الحرام جي لاءِ فوج مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي.وفاقي گهرو وزارت سنڌ جي گهرو وزارت جي درخواست تي سنڌ ۾ فوج، رينجرز ۽ ايف سي جا دستا مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. دهشتگردي جي خاتمي واري ايڪٽ 1997 جي سيڪشن 4 ۽ 5 جي تحت سڄي ملڪ جيان سنڌ ۾ به فوج مقرر ٿيندي.وفاقي گهرو وزارت طرفان جاري ڪيل حڪم موجب فوج کي سول انتظاميه جي مدد لاءِ مقرر ڪيو پيو وڃي. فوج جي مقرري زميني حالتن کي نظر ۾ رکندي ڪئي ويندي. صوبن کي مقرري جو اختيار هوندو.سنڌ جي گهرو وزارت فوجي اختيارين سان رابطو ڪري محرم ۾ فوج جي مقرري جو روڊ ميپ تيار ڪري ورتو آهي. لاڳاپيل ڌرين جي گڏيل مشوري کان پوءِ فوجي دستا ضرورت موجب مقرر ٿيندا.

پهنجو تبصرو موڪليو