ماڪڙ خلاف اسپري ڪندڙ جهاز ڪري پيو، 2 پائليٽ شهيد

ماڪڙ خلاف اسپري ڪندڙ جهاز ڪري پيو، 2 پائليٽ شهيد

گهوٽڪي /ميرپورماٿيلو(سليم فضل ڪلهوڙو/ ظهير وسير) ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي ليفٽيننٽ رٽائرڊ محمد خالد سليم پاران ماڪڙ خلاف آپريشن ۾ شامل جهاز جي ڪريش ٿيڻ جي نتيجي ۾ پائليٽ ڪئپٽن شعيب ملڪ ۽ انجنيئر فواد بٽ جي شهادت تي وارثن سان گهري ڏک جو اظهار ڪندي مرحومن جي روح کي ايثال ثواب پهچائڻ خاطر دعائن جي اپيل ڪئي آهي. ياد رهي ته ڄاڻايل پائليٽ ۽ انجنيئر گذريل هڪ مهيني دوران ضلعي گهوٽڪي ۾ 1500 ايڪڙن تي ماڪڙ خلاف اسپري ڪيو جن جو جهاز رحيم يار خان ايئرپورٽ تان ٽيڪ آف ڪرڻ جي ڪجهه ئي دير بعد صادق آباد جي هڪ ڳوٺ ۾ ڪري تباه ٿي ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو