ماڪڙ اڇڙو ٿر به پهچي وئي، وڻ ٻوٽا کائي چٽ ڪري ڇڏيا

کپرو(خادم سروري) اڇڙو ٿر جي علائقي ماڏيهر ۽ اسوڏر جي سيمن ۾ ماڪڙن جي ڪاھ ڀٽن تي بيٺل کٻڙ, ڦوڳ, ڪنڊي ۽ ٻوھ سميت ٻين وڻن کي کائي چٽ ڪري ڇڏيو, علائقي واسين ميڊيا کي ٻُڌايو ته علائقي ۾ ٻن سالن کان بارش نه پوڻ ڪري علائقي واسي مال جي چاري لاء سخت پريشان آهن, انهن وڻن جي آسري مال کي زنده رکيو اچون پر هاڻ ماڪڙ انهن وڻن کي کائي چٽ ڪري ڇڏيو, جنهن سان اسان کي وڌيڪ پريشانيء کي منهن ڏيڻو پوندو, هنن گهر ڪئي ته هنن کي ختم ڪرڻ لاء تڪڙا انتظام ڪيا وڃن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو