ماڙي جلباڻي واقعو مزاحمت ۽ رينجرز تي حملي سبب پيش آيو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي نگران گهرو وزير رٽائرڊ برگيڊيئر حارث نواز چيو آهي ته ماڙي جلباڻي وارو واقعو ڳوٺاڻن جي مزاحمت ۽ رينجرز تي حملي سبب پيش آيو، رينجرز ۾ ڪو به سنڌي پنجابي نه هوندو آهي،هن چيو ته سنڌ رينجرز ۾ 80 سيڪڙو جوان سنڌي آهن، جاچ ڪميٽي جي رپورٽ ۾ خبر پئجي ويندي ته ڪنهن جو ڏوهه آهي، رپورٽ جي روشني ۾ وڌيڪ ڪارروائي ٿيندي،ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي حارث نواز چيو ته ڪنهن به علائقي يا ڳوٺ ۾ سرچ جي صورت ۾ ڳوٺاڻن ۽ علائقي واسين کي سيڪيورٽي فورسز سان سهڪار ڪرڻ گهرجي،واضح رهي ته 5 ڏينهن اڳ ماڙي جلباڻي ۾ پوليس ۽ رينجرز ڪارروائي ڪئي هئي، واقعي ۾ 4 ڳوٺاڻا مارجي ويا هئا

پهنجو تبصرو موڪليو