ماڌوري ممبئي ۾ 48 ڪروڙ جي لگزري اپارٽمينٽ جي مالڪ

ماڌوري ممبئي ۾ 48 ڪروڙ جي لگزري اپارٽمينٽ جي مالڪ

ممبئي(ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ جي مشهور اداڪارا ماڌوري ڊڪشٽ ممبئي ۾ 48 ڪروڙ رپين جي لگزري رهائشي اپارٽمينٽ خريد ڪري ورتي.ڀارتي ميڊيا موجب انڊيا بلز بليو پروجيڪٽ جي 53هين منزل تي واقع هي اپارٽمنٽ گذريل مهيني 8 سيپٽمبر تي بک ڪيو ويو هو.ماڌوري ڊڪشت جي اپارٽمنٽ ۾ ست منزلون ڪار پارڪنگ لاءِ مخصوص آهن جڏهن ته سندس گهر جي ايراضي 5,384 چورس فوٽ آهي.ماڌوري جي نئين اپارٽمنٽ ۾ عربي سمنڊ جا شاندار نظارا پڻ آهن، جڏهن ته انڊيا بلز بليو سوسائٽي ۾ سوئمنگ پول، فٽبال گرائونڊ، ٽينس ڪورٽ، اسڪواش ڪورٽ، جم، ڪرڪيٽ نيٽ ۽ بيڊمنٽن ڪورٽ پڻ شامل آهي.واضح رهي ته 2021 کان اڳ به ماڌوري ان ئي پراجيڪٽ جي 29 هين فلور تي ليز تي ڏنل اپارٽمينٽ ۾ رهي رهي هئي جيڪا 12.5 لک رپيا ماهوار ڪرائي تي ڏني وئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو