ماه رنگ جو سوشل اڪائونٽ ڀارت مان هلايو پيو وڃي: اچڪزئي

اسلام آباد (بيور رپورٽ) بلوچستان جي نگران سڌ سماءَ واري وزير جان اچڪزئي دعويٰ ڪئي آهي ته اسلام آباد احتجاج ۾ شريڪ انساني حقن جي ڪارڪن ماه رنگ بلوچ جو سوشل اڪائونٽ ڀارت مان هلي رهيو آهي.اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته قوم ملڪ جي دشمنن کي سڃاڻي چڪي آهي، بلوچستان پاڪستان جو حصو آهي ۽ هميشه مضبوط حصو رهندو.جان اچڪزئي چيو ته ڀارت پاڪستان ۾ دهشتگردي ڪري رهيو آهي، ڀارت کي ناڪامي ۽ خواري کانسواءِ ڪجهه نه ملندو.هن چيو ته دشمن جي ناپاڪ ارادن کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏنو ويندو، پاڪ فوج جا جوان اسان جي سرحدن جي حفاظت ڪري رهيا آهن، رياست کي بدنام ڪرڻ وارن سان ڪابه رعايت نه ڪئي ويندي.نگران سڌ سماءَ واري وزير جان اچڪزئي موجب سڄو ملڪ بلوچستان جي عوام سان پيار ڪري ٿو، رياست قومي ڌارا ۾ شامل ٿيندڙن کي ڳلي لڳايو، ڀٽڪيل ماڻهن سان ڳالهين لاءِ تيار آهيون.

پهنجو تبصرو موڪليو