چاهيان ٿي ته 9 مئي واري واقعي کي ختم ڪيو وڃي: زرتاج گل

گوجرانوالا (ويب ڊيسڪ)تحريڪ انصاف جي اڳواڻ زرتاج گل چيو آهي ته هو چاهين ٿا ته 9 مئي وارو واقعو ختم ٿئي.گوجرانوالا ۾ دهشتگردي جي انت واري عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي زرتاج گل چيو ته جنهن کي سزا ملڻ گهرجي ان کي سزا ملڻ گهرجي پر پاڪستان جي عوام کي آزاد ڪيو وڃي.زرتاج گل چيو ته مان چاهيان ٿي ته ملڪ اڳتي وڌي ۽ گڏجي ويهي حل ڳولهي، مستقل ضمانت ملڻ جي اميد هئي، عدالت جو دروازو کڙڪائيندي رهنديس.هن وڌيڪ چيو ته هڪ ڏينهن هتي ضمانت ٿيندي ۽ ڪيس ختم ٿي ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو