گم ٿيل نينگرجو تشدد ٿيل لاش هٿ، جاچ جو مطالبو

مانجهند (رپورٽر) مانجهند مان گذريل ڏينهن گم ٿي ويل 7 سالن جي نينگر مرتضيٰ ملاح جو تشدد ٿيل لاش هٿ آيو اڻڄاتل جوابدارن معصوم ٻار مرتضيٰ ملاح جي ڳچيءَ ۾ اڳٺ وجهي ڦاهو ڏئي مارڻ بعد سندس لاش برف جي ڪارخاني ۾ اڇلايو گذريل شام وارثن نينگر مرتضيٰ ملاح جي گم ٿيڻ جو پوليس کي اطلاع ڏنو هو پوليس نينگر جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪري جاچ شروع ڪري ڏني،معصوم ٻارڙي جي بيدردي سان قتل واقعي ۽ لاش گهر پهچڻ تي قهرام مچي ويو، وارثن چيو آهي ته واقعي جي جاچ ڪرائي وڃي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو