ماما قدير بلوچ ڊگهي بيماري بعد لاڏاڻو ڪري ويو

ماما قدير بلوچ ڊگهي بيماري بعد لاڏاڻو ڪري ويو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) بلوچ حقن جو مشهور ڪارڪن ماما عبدالقدير بلوچ ڇنڇر جي ڏينهن 20 ڊسمبر تي ڊگهي بيماري کان پوءِ 85 سالن جي ڄمار ۾ڪوئيٽا جي هڪ اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.
6 جون 1940 تي قلات ضلعي ۾ جنم وٺندڙ ماما قدير جو هاڻي اباڻو ضلعو شهيد سڪندر آباد آهي جيڪو 2017 ۾ ٺهيو هو. هو“وائس فار بلوچ مِسنگ پرسنز” (VBMP) جو وائيس چيئرمين رهيو، جنهن ڪيترائي سال اڳ ڪوئيٽا جي ’عدالت روڊ‘ تي هڪ ڪيمپ قائم ڪئي هئي. اها جاءِ بلوچسان ۾ زبردستي گمشدگين خلاف احتجاج جي علامت طور سڃاتي ويندي رهي آهي.
VBMP جي چيئرمين نصرالله بلوچ ماما قدير جي وفات جي تصديق ڪندي چيو ته: “هو ڪافي عرصي کان بيمار هو ۽ گذريل ٻن مهينن کان ڪوئيٽا جي هڪ نجي اسپتال ۾ علاج هيٺ هو.”
گروپ جي چيئرمين وڌيڪ چيو ته جنازي نماز ۽ تدفين آچر جي ڏينهن قلات ڊويزن جي شهيد سڪندرآباد ضلعي ۾ ڪئي ويندي. نصرالله بلوچ چيو ته مرحوم جي جدوجهد سڄي ملڪ ۾ انساني حقن جي حلقن ۾ نمايان رهي آهي.
نومبر 2011ع ۾، قدير بلوچ کي پنهنجي پٽ جليل ريڪي جو مسخ ٿيل لاش مليو، جيڪو بلوچ ريپبلڪن پارٽي جو انفارميشن سيڪريٽري هو. پٽ جي اغوا ۽ پوءِ قتل واري واقعي هن تحريڪ کي وڌيڪ متحرڪ ڪري ڇڏيو، جنهن سبب اهڙين ئي تڪليفن کي منهن ڏيندڙ خاندانن جي مدد لاءِ ڪوششون وڌيڪ مضبوط ٿيون.
2013ع ۾، هن ڪارڪنن سان گڏ ڪوئيٽا کان اسلام آباد تائين پيادل لانگ مارچ جي اڳواڻي ڪئي، جنهن ۾ ٻيا بلوچ مرد ۽ عورتون به شامل هئا، ته جيئن زبردستي گمشدگين خلاف احتجاج ڪيو وڃي.
ماما قدير بلوچ جي اڳواڻي ۾ 2013-14 ڪيل 2 هزار ڪلوميٽر کان وڌيڪ فاصلي وارو پيادل مارچ پاڪستان جي سياسي تاريخ جو ڊگهو ترين مارچ آهي.
VBMP پنهنجي قيام کان وٺي شاگردن، سياسي ڪارڪنن ۽ ٻين عام شهرين جي زبردستي گمشدگين خلاف آواز اٿاريندي رهي آهي. هنکي 2015 ۾ حڪومت ڪراچي ايئرپورٽ تي نيويارڪ وڃڻ کان روڪيو هو.
“ورثو زنده رهندو”
پاڪستان هيومن رائيٽس ڪميشن (HRCP) وفات تي ڏک جو اظهار ڪندي مرحوم کي ڀيٽا پيش ڪندي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته: “سندس ورثو انهن بيشمار خاندانن ۾ زنده رهندو، جن سان هو گڏ بيٺو رهيو. اسين ٻيهر زور ڏيون ٿا ته رياست کي انهن حقن جي بحالي لاءِ گڏيل قدم کڻڻ گهرجن، جن لاءِ ماما قدير ڏهاڪن تائين جدوجهد ڪئي.”
بلوچستان بار ڪائونسل جي ايگزيڪيوٽو ڪاميٽي جي چيئرمين ايڊووڪيٽ رحاب خان بليدي به بيان ۾ قدير بلوچ کي ڀيٽا پيش ڪئي.
هن چيوته: “ماما قدير بلوچ ڊگهي عرصي تائين گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ پرامن جدوجهد ڪندو رهيو. سندس جمهوري جدوجهد ساراهه جوڳي آهي. هو مظلومن جو مضبوط آواز هو.” هن وڌيڪ چيو ته ڪائونسل پڻ کيس ڀيٽا پيش ڪري ٿي.
بلوچستان نيشنل پارٽي جي صدر سردار اختر مينگل کيس “رياستي جبر، زبردستي گمشدگين ۽ ناانصافي خلاف مزاحمت جي علامت” قرار ڏنو. هن چيوته: “ذاتِي نقصان ۽ لڳاتار ڏکن باوجود، هن ڪڏهن به گم ٿيل ماڻهن جي خاندانن کي نه ڇڏيو ۽ نه ئي سچ ۽ جوابدهي جو مطالبو ڇڏيائين. ماما قدير جي جدوجهد رڳو ذاتي نه هئي، پر اها سڄي قوم جي گڏيل تڪليف ۽ سياسي مزاحمت جي عڪاسي هئي.”
اڳوڻي سينيٽر افراسياب خٽڪ چيو ته قدير “سڀني گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي واري جدوجهد جي علامت” هو ۽ کيس سندس “نڊر ۽ بهادر جدوجهد” سبب ياد رکيو ويندو.
ايڊووڪيٽ ۽ انساني حقن جي ڪارڪن ايمان زينب مزاري-حاضر چيو ته هي “دل ڏاريندڙ” خبر ملڪ جي انساني حقن واري تحريڪ لاءِ “وڏي نقصان” جي برابر آهي. هن چيوته: “ماما قدير هميشه لاءِ اسان جي دلين ۽ ذهنن ۾ نقش رهندو.”
نيشنل ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جي چيئرمين محسن داوڙ ايڪس (X) تي لکيو: “هو زبردستي گمشدگين خلاف جدوجهد، بلوچن لاءِ انصاف جي مطالبي ۽ جبر جي مقابلي ۾ بهادري سان بيهڻ سبب هميشه ياد رکيو ويندو.”

“ماما قدير بلوچ ڊگهي بيماري بعد لاڏاڻو ڪري ويو” هڪ تبصرو

  1. نيوز سان گڏ بئڪ گرائونڊ ٽون يا ميوزڪ هلايو وڃي

پهنجو تبصرو موڪليو