ڪراچي(ويب ڊيسڪ)پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي چيئرمين عمران خان دعويٰ ڪئي آهي ته اپوزيشن اهڙين ڪمپنين کي نوڪريون ڏنيون آهن جيڪي پنهنجي ڪردار لاءِ مواد تيار ڪري رهيون آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن تازو ئي ”هم نيوز“ تي نشر ٿيندڙ اداڪار شان شاهد کي ڏنل انٽرويو ۾ ڪيو. انٽرويو ۾ اداڪار ڪرڪيٽر کان سياستدان ٿيڻ جي سفر، پنجين نسل جي جنگ ۾ استعمال ٿيندڙ سياست ۽ مارڪيٽنگ ڪمپنين بابت سوال ڪيا. جن جا عمران خان کلي جواب ڏنا. عمران خان چيو ته مون ڪيترن ئي مافيائن کي منهن ڏنو آهي، انهن مان سڀ کان وڏي شريف مافيا آهي، اهي هميشه ذاتي سطح تي حملا ڪندا آهن ڇو ته هو گذريل 35 سالن کان ڪرپشن ۾ ملوث آهن. هن چيو ته جڏهن ڪو سندس بابت بدعنواني جي ڳالهه ڪري ٿو ته اها هن جي ڪردار ڪشي آهي. عمران خان چيو ته ماضي ۾ سندس اڳوڻي زال جمائما گولڊ اسمٿ خلاف مهم هلائيندي کيس نشانو بڻايو ويو، مٿس يهودي لابي جو حصو هجڻ جو الزام لڳايو ويو. هن چيو ته جمائما خلاف اينٽيڪ ٽائلس جي برآمد جا ڪوڙا ڪيس ٺاهيا ويا. مختصر وقفي کانپوءِ پروگرام ۾ واپسي تي اڳوڻي وزيراعظم چيو ته شريف خاندان عيد کانپوءِ سندس خلاف مهم شروع ڪرڻ جون تياريون ڪري ورتيون آهن. عمران خان چيو ته جمائما جو ڪهڙو ڏوهه هو؟ هوءَ منهنجي زال هئي، هاڻي کين فرح خان ملي وئي آهي، فرح خان جو ڏوهه اهو آهي ته هوءَ بشرا بيگم جي ويجهو آهي. هن وڌيڪ چيو ته نواز شريف اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار ۽ مرحوم جج ارشد ملڪ وانگر وڌيڪ ڪوڙا ٽيپ تيار ڪيا آهن.










