خانواھڻ (عاجز امتياز نوح پوٽو) ڳوٺ عباس ڪونڌر ۾ گرلس پرائمري اسڪول ۾ ٽن سالن کان ماسترياڻيون ويزا تي ويل آهن جنهن سبب اسڪول ۾ داخل 150 شاگردياڻين جي تعليم تباهي جي ڪناري تي پھتي آهي. ان سلسلي ۾ معصوم شاگردياڻين اسڪول اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ۽ گهر ڪئي ته اسڪول ۾ گھر ويٺي پگھارون کڻندڙ ماسترياڻين کي پابند ڪري سندن قيمتي تدريسي عمل روان دوان رکيو وڃي. ان موقعي تي ڳوٺاڻن رستم علي ڪونڌر، عبدالجبار ڪونڌر ۽ ٻين چيو ته اسڪول ۾ 150 شاگردياڻيون تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ داخل ٿيل آھن پر ٽن سالن کان اسڪول ۾ تعليم کاتو جي ضلع ۽ تعلقه جي آفيسرن ماسترياڻين کي ويزا تي موڪلي ڇڏيو آهي جنهن جي ڪري شاگردياڻين جي تعليم تباهه ٿي رھي آهي. تعليم کاتي ۾ ايمرجنسي جي دعوى ڪندڙ آفيسر رشوت وٺي ھٿ سان تعليم کي تباهه ۽ برباد ڪري رھي آهي. اڳواڻن گهر ڪئي ته اسڪول ۾ گھر ويٺي پگھارون کڻندڙ ماسترياڻين کي اسڪول موڪلي معصوم ٻارڙن جو مستقبل بچايو وڃي.










